لنڊن (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي نئين پارٽي ٺاهڻ جو امڪان ظاهر ڪندي اڱاري ڏينهن اسٽين هوپ هائوس ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين ون آن ون ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب، عباسي جي پارٽي مان مايوسي ختم ٿيڻ جون خبرون تيز ٿي ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي آگاهه ڪيو ته هو هاڻي پارٽي ۾ ڪم نه ٿو ڪري سگهي، پر ملاقات خوشگوار ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتي.
نئين پارٽي ۾ شاهد خاقان جو اهم ڪردار هوندو: مصطفيٰ کوکر
اسلام آباد(م ڊ) مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته نئين سياسي پارٽي جي جيتري اڄ گنجائش آهي ڪڏهن ناهي رهي، ملڪ اڄ جنهن حالت ۾ پهتو آهي ان ۾ عدليه، اسٽيبلشمينٽ، سياستدانن، ڪامورن، واپارين سڀني جو ڪردار شامل آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ملڪي معاشي صورتحال حد کان وڌيڪ خراب آهي، سڌارن کان بغير ملڪ اڳتي نه وڌندو، هن چيو ته پاڪستان ۾ غربت جي شرح ڀارت ۽ بنگلاديش کان وڌيڪ خراب آهي، ملڪ نه پيو هلي سگهي، سمورين سياسي جماعتن جون ناڪاميون سڀني جي سامهون آهن، هن چيو ته نئين پارٽي ٺهي ته ان ۾ شاهد خاقان عباسي جو اهم ڪردار هوندو، سمورن دوستن جي مشاورت سان قدم کڻندو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اعتراف ڪيو آهي ته ججن ڊڪٽيٽرن جو ساٿ ڏنو،هن جو بيان آجيان جوڳو آهي، هوڏانهن هڪ ٻئي چئنل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته هن وقت ملڪ اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج هلائي رهي آهي، ملڪ کي چونڊيل نمائندن کي هلائڻ گهرجي، هن چيو ته ساڍا 9 ڪروڙ پاڪستاني غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن، ڪنهن به پارٽي ملڪ جي مسئلن تي ناهي ڳالهايو، هن چيو ته ڪجهه اهڙا سٺا سياستدان به آهن جيڪي ڪنهن جي خوشامد ناهن ڪندا، انهن کي ڪابه پارٽي کڻڻ لاءِ تيار ناهي هوندي، ڪيترائي ڀيرا مون پ پ ۾ رهندي پارٽي سان اختلاف ڪيو، احتجاج ڪيو، جنرل باجوا سان رڳو هڪ ملاقات ٿي آهي،