سپريم ڪورٽ: ڇا عدالتون جوبدار کي ڏوهه ڪرڻ جو لائسنس ڏئي رهيون آهن ؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سُپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس طارق مسعود ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته جوابدار کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي، اِهو ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي؟ ڇا عدالتون جوبدار کي ڏوهه ڪرڻ جو لائسنس ڏئي رهيون آهن؟ .

سُپريم ڪورٽ جي جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پي ٽي آءِ جي صدر پرويز الاهي جي گرفتاري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، پرويز الاهي پاران لطيف کوسا عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران لطيف کوسا دليل ڏيندي چيو ته ڪوڙو ڪيس ٺاهي سندس اصيل کي گرفتار ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي توهين ڪئي وئي، لاهور هاءِ ڪورٽ واضح چيو هو ته ڪنهن به اڻڄاتل ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي.

ان تي جسٽس طارق مسعود پڇاڻو ڪيو ته جوابدار کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي، اِهو ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي؟ ڇا عدالتون جوابدار کي ڏوهه ڪرڻ جو لائسنس ڏئي رهيون آهن؟ هڪ شخص کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي ۽ اُهو ٻاهر وڃي ٻه قتل ڪري ڇڏي ته ڪير ذميوار هوندو؟ ججن به قانون جي تحفظ جو حلف کنيو آهي.

عدالت پڇاڻي تي لطيف کوسا چيو ته اڄڪلهه عدليا ۽ عام شهرين سان مذاق ٿي رهيو آهي، هي به مذاق ئي آهي ضمانت ملڻ کانپوءِ  وري ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو.

ان تي جسٽس طارق لطيف کوسا سان مڪالمو ڪيو ته مذاق ته ستر ورهين کان جاري آهي، اوهان پهريان ياد نه آيو؟ گهڻي قدر ڳالهيون اسان کي گهڻي دير کانپوءِ ياد اينديون آهن، مُلڪ لاءِ ڪشمير جو مثال نه ڏيو اُهي ظلم ڀارت ڪري رهيو آهي، پنهنجي مُلڪ لاءِ ائين نه چئو.

عدالت جي رمارڪس تي لطيف کوسا چيو ته مثال ڪيئن نه ڏيان، پوءِ سان سان اهڙي قسم جو ورتاءُ بند ڪيو وڃي، منهنجي اکين آڏو غنڊا آيا ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کي کنڀي کڻي ويا، ڏينهن ڏٺي جو بنا ڪپڙن جي ماڻهن غنڊن جيان پرويز الاهي کي گرفتار ڪيو.

ان تي جسٽس طارق رمارڪس ڏنا ته ڇا مطلب ڏينهن ڏٺي جو بنا ڪپڙن جي ماڻهن گرفتار ڪيو؟ ان تي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو، عدالت سوال ڪيو ته لطيف کوسا وضاحت پيش ڪئي ته منهنجو مطلب هو بنا يونيفارم جي ڪجهه ماڻهن گرفتار ڪيو.

ان دوران جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته لطيف کوسا صاحب قانون بابت ڳالهايو، اوهان جذباتي نه ٿيو جن کي  اوهان غنڊا پيا ڪوٺيو، هاءِ ڪورٽ لکيو اِها اسلام آباد پوليس هئي.

عدالت پرويز الاهي جي گرفتاري خلاف درخواست تي ايندڙ ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.