ملڪ جي قسمت جا فيصلا عالمي سامراجي ادارا ڪن پيا:لال جروار

گولاڙچي، ڪڙيو گهنور (پ ر) عوامي تحريڪ طرفان 15 آڪٽوبر تي اعلانيل سنڌ جون زمينون، قومي وجود ۽ وسيلا بچايو ريلي جي  تيارين جي سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ هميرو مل، ضلعي بدين جي صدر جاکرو نوحاڻي، ڌڻي بخش نوحاڻي، محمد علي ٽالپر، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علي رضا جلباڻي، مرڪزي سوشل ميڊيا سيڪريٽري اياز صالح پليجو، دلدار نوحاڻي ٻين اڳواڻن طرفان ڳوٺ اشرف چانڊيو، سهراب نظاماڻي، ڪڙيو گهنور، کورواھ، جاکرو نوحاڻي، گولاڙچ  سميت تعلقي شهيد فاضل راهو جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ويو، اشرف چانڊيو، جاکرو نوحاڻي، کورواهه ۽ ٻين ڳوٺن ۾ گڏ جاڻيون ڪيون ويون. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گذريل 75 سال  کان پاڪستان جي اقتدار تي انھن قوتن جو قبضو آھي جن ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي بنيادي جمھوري اصولن جي نفي ڪئي، پاڪستان ۾ شامل  قومن جي حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن، ملڪ جي حڪمرانن ملڪ ۾ آباد مظلوم قومن جي قومي وسيلن کي آمريڪا سامراج ۽ عالمي سامراجي ادارن آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ وٽ وڪڻي ملڪي معشيت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، ملڪ ۽ عوام جي قسمت جا فيصلا  عالمي سامراجي ادارا ڪن ٿا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.