اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪا بئنڪ ڏيوالي ٿي وڃي ٿي ته سڀني اڪائونٽ هولڊرن جا پئسا محفوظ نه هوندا آهن. اهڙو اظهار اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته بئنڪن ۾ 26 کرب رپين جا ڊپازٽ وڌڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو پئسو اسٽاڪ مارڪيٽ يا ڪاروبار ۾ وڃي ها ته بهتر هجي ها. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪا بئنڪ ڏيوالو نڪتل ٿي وڃي ٿي، ڊهي ٿي يا ناڪام ٿي وڃي ٿي ته ان جي رقم محفوظ نه آهي، رڳو بئنڪن ۾ موجود 5 لک رپين تائين جي رقم قانوني طور محفوظ آهي. ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ چيو ته 5 لک رپين تائين جي اڪائونٽ هولڊرز جو سيڪڙو 94 سيڪڙو آهي، رڳو 6 سيڪڙو اڪائونٽ هولڊرز وٽ 5 لک رپين کان وڌيڪ بئنڪ بيلنس آهي. 5 لک رپين تائين جي اڪائونٽ هولڊرن کي ڊپازٽس پروٽيڪشن ڪارپوريشن ذريعي ادائيگي ڪري سگهجي ٿي. ڊيپوزٽس پروٽيڪشن ڪارپوريشن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو هڪ ماتحت ادارو آهي، جيڪو هر سال بئنڪن کان سبسڪرپشن فيس گڏ ڪري ٿو.