منشيات اسمگلنگ ڪيسن ۾ 7 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا

ڪراچي (رپورٽر)اينٽي نارڪوٽڪس عدالت ڪراچي جي جج حفيظه عثمان منشيات اسمگلنگ ڪرڻ واري ڪيسن ۾ عمران خان،  اظهرالدين، عطاءُالرحمن، عامر خان، اورنگزيب، حيدر خان ۽ شاهه حيات کي عمرقيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌئي ڇڏي، نارڪوٽڪس فورس 2019ع ۾ افغانستان اسمگل ٿيندڙ 3ٽرالرز مان 35ڪلوهيروئن ۽ 25ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪيو هو، جوابدارن جو ساٿي جان محمد روپوش آهي.

  • چيني آبدوز پنهنجي ئي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي پئي، 55 اهلڪار فوت

ڪراچي (م ڊ) چيني جوهري آبدوز غير ملڪي سامونڊي جهازن کي ڦاسائڻ لاءِ وڇايل ڄار ۾ ڦاسي پئي جنهن جي نتيجي ۾  نيوي جا 55 اهلڪار فوت ٿي ويا، برطانوي انٽيليجنس رپورٽ موجب چين جي جوهري آبدوز ”ييلو سي“ ۾ غير ملڪي سامونڊي جهازن لاءِ وڇايل ڄار يعني زنجير ۽ اينڪر ۾ ڦاسي پئي جنهن جي نتيجي ۾ آبدوز جي آڪسيجن سسٽم ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو سڄي آبدوز ۾ زهريلي گئس پکڙجي وئي، واقعي ۾ چيني بحريا جا گھٽ ۾ گھٽ 55 اهلڪار فوت ٿي ويا، مري ويلن ۾ آبدوز جو ڪپتان ۽ چيني سامونڊي فوج جا 21 ٻيا آفيسر به شامل آهن. چين طرفان ان قسم جي حادثي جي ترديد ڪئي وئي، بيجنگ ان ڳالهه کان به انڪار ڪيو پر برطانيا جي انٽيليجنس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته چيني سامونڊي فوج سان اهو حادثو 21 آگسٽ جي ڏينهن پيش آيو هو جنهن ۾ 22 آفيسرن کانسواءِ ست ڪيڊٽ آفيسرز، نو پيٽي آفيسرز ۽ 17 سيلرز مارجي ويا.

  • شنگهائي اليڪٽرڪ جي هڪ ڀيرو وري ڪي اليڪٽرڪ خريدڻ جي آڇ

ڪراچي (م ڊ) شنگهائي اليڪٽرڪ هڪ ڀيرو وري ڪي اليڪٽرڪ کي خريد ڪرڻ جي لاءِ دلچسپي جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، ڪي  اليڪٽرڪ جي سڀ کان وڏي شيئر هولڊر الجموعيه گروپ اداري کي ٻن ارب ڊالرز تائين ۾ وڪرو ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، اها ڳالهه سعودي گروپ الجموعيه جي انويسٽمنٽ ايڊوائزر شان عباس اشعري ميڊيا بريفنگ ۾ چئي، هن چيو ته شنگهائي اليڪٽرڪ هڪ ارب 77 ڪروڙ ڊالرز جي آڇ ڪئي هئي، جڏهن ته ڊگهو وقت گذرڻ بعد هاڻ وري آڇ ڪئي آهي، ان جي لاءِ ڊيل ٻيهر ٿيندي، اسان جي خواهش ته هوندي ته اها آڇ 2 ارب ڊالرز تائين وڃي، عباس اشعري گذريل ڪجهه مهينن کان جاري ڪي اليڪٽرڪ ملڪيتي تڪرار جي تناظر ۾ ٻڌايو ته هن وقت سعودي ۽ ڪويتي گروپ ڪي اليڪٽرڪ جي سڀ کان وڏي شيئر هولڊرز آهن، الجومعيه ۽ اين آءِ جي جي ڪي اي ايس پاور ۾ 47 سيڪڙو شيئرز آهن جيڪي ڪي اليڪٽرڪ ۾ 30 سيڪڙو ٺهن ٿا.

  • سک اڳواڻ جي قتل ۾ ڀارت ملوث بابت مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي: آمريڪا

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا چيو آهي ته ڪئنيڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي ڪئناڊا جي سنگين الزامن جي  مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي. آمريڪا جي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي وائيٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته اسان يقيني طور تي انهن ٻنهي ملڪن تي ڇڏيون ٿا ته هو پنهنجي ٻه طرفن لاڳاپن جي باري ۾ ڳالهيون ڪن. جان ڪربي چيو ته اسان واضح ڪري چڪا آهيون ته اهي الزام سنگين آهن، انهن جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ جيئن ته اسان پهرين ئي چئي چڪا آهيون

  • نوازشريف پاڪستان کي مشڪلات مان ڪڍندو:احسن اقبال

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته 21 آڪٽوبر تي محمد نواز  شريف وطن واپس اچي پاڪستان کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪندو، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان 24ع جي عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿي عوام کي مهانگائي کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين. هن چيو ته محمد نواز شريف جي سبب ئي اسان دوست ملڪن سان مثالي تعاون کي بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. پاناما ڪيس ۾ ڪجهه نه نڪتو ته اقامي جي بهانو بڻائي نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو جنهن جي پاڪستان وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. هن چيو ته محمد نواز شريف جو پيغام پاڪستان جي عوام کي انهن جي معاشي مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو آهي، ان جو اهو پيغام ۽ بيانيو تقرير نه پر عملي قدمن جو هڪ پيغام آهي جهڙيءَ طرح 2013ع کان 2017ع وچ ۾ ٿيو جيڪو ان ڪري ڏيکاريو.

  • چاغي ۾ ڌماڪو، ٻه ڄڻا ماجي ويا

چاغي (م ڊ) چاغي ضلعي جي چاغي بازار ۾ روڊ ڪناري بم ڌماڪي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا. ليويز اختيارين موجب دالبندين کان / 60 ڪلو ميٽر پري پاڪ – افغان سرحدي علائقي ۾ موجود چاغي بازار ۾ روڊ ڪناري لڳل بم ڦاٽڻ سان ان وقت ڌماڪو ٿيو، جڏهن اتان هڪ گاڏي گذري رهي هئي. ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا. زخمين کي طبي امداد لاءِ دالبندين اسپتال نيو ويو، جڏهن ته ليويز ۽ ايف سي علائقي جو گهيرو ڪري ورتو آهي

  • ڪي پي ڪي ۾ ڏيڍ لک کان وڌيڪ شاگردن جو سرڪاري اسڪول ڇڏڻ جو انڪشاف

پشاور(م ڊ) خيبر پختونخوا ۾ ڏيڍ لک کان وڌيڪ شاگردن جو سرڪاري اسڪول ڇڏڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. دستاويزن مطابق 5 سالن ۾ پرائمري ليول تي هڪ لک 66  هزار شاگرد ڊراپ آئوٽ ٿيا، 2017ع ۾ انرول ٿيل 5 لک 71 هزار شاگردن مان چار لک چار هزار پنجين ڪلاس تائين پهچي ويا. پنجن سالن ۾ پنجين ڪلاس تائين مجموعي طور تي 29 سيڪڙو شاگرد ڊراپ آئوٽ ٿيا. سرڪاري دستاويزن مطابق 37 سيڪڙو ڇوڪريون، 22 سيڪڙو ڇوڪرا پنجين جماعت تائين پهچڻ کان اڳ ئي تعليم ڇڏي ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.