ايل بي اوڊي ماحوليات ۽ معيشت دشمن قرار، رهواسين جي جمع پونجي لڙهي وڃي ٿي: ماهر

لاهور(پ ر) ماحوليات جي ماھرن ۽ ايل بي او ڊي جي متاثرن چيو آھي ته ايل بي او ڊي سموري علائقي کي اجاڙي ڇڏيو آهي، جنھن ڪري مقامي ماڻھو مستقل بنيادن تي ٻوڏ جي گهيري ۾ رهن ٿا ۽ هر سال جيڪو پورهيو ڪن  ٿا اھو ٻوڏ لوڙهيو وڃي ٿي. اھڙي ڳالھ ٻولھ ھنن لاھور ۾ ماحوليات بابت ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ ڪئي. ان موقعي تي الٽرنيٽِو لا ڪليڪٽِو “اي ايل سي” جي نمائندي زين مولوي چيو ته ڊبليو بي جي جو مقصد آءِ ايف آءِ جي سڌارن ڊبليو بي جي  ۽ آءِ ايم ايف جي روشني ۾ آبهوا کي صاف رکڻ سان گڏ گدلاڻ کي گهٽائڻ آهي، پر الميو اهو آهي ته اهي پنهنجي انهيءَ واعدي کي وفا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن هاڻوڪو ڍانچو موسمياتي بحران کي منهن ڏيڻ جي اهل ئي ناهي، حالت اها آهي ته آءِ ايم ايف ۽ ڊبليو بي جي گدلائڻ وڌائڻ وارن توانائي جي وسيلن کي ڪتب آڻڻ وارن قدمن جي نفي ڪرڻ بدران اهڙين رٿائن کي مالي سهائتا سان اڳتي وڌائي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن 2022ع واري ٻوڏ جي تناظر ۾ ماحولياتي گدلاڻ ۽ موسمياتي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي جي سببن جو جائزو ورتو وڃي ته انهن ادارن جي ناقص پاليسين پاڪستان جي صورتحال کي ويتر خراب ڪيو آهي. ڪانفرنس ۾ بدين جي رهواسي اسلم ملاح جو چوڻ هو ته ايل بي او ڊي به ورلڊ بينڪ جو ئي منصوبو هو جنهن اسان جي سموري علائقي کي اجاڙي ڇڏيو آهي ۽ اسين مستقل بنيادن تي ٻوڏ جي گهيري ۾ رهون ٿا ۽ هر سال جيڪو پورهيو ڪيون ٿا سو ٻوڏ ۾ لڙهيو وڃي، جنهن سان علائقي اندر انتهائي غربت ۽ بدحالي وڌي آهي. ڪانفرنس ۾ اها سفارش ڪئي وئي ته حڪومت کي عالمي مالياتي ادارن جي مفادن لاءِ نه پر پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي کي اڳيان رکندي ماحولياتي تبديلي جي سنگيني کي سمجهندي اهڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن، جنهن سان هن ملڪ جي مسڪين عوام جو آئيندو محفوظ ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.