مائنس نواز شريف تي ڪا به ڳالهه قبول ناهي: جاويد لطيف

اوڪاڙه (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته اسان کي ڪير به جمهوريت جي دفاع جو سبق نه پڙهائي، پيپلزپارٽي جي قيادت جي  طرفان جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ان جي اميد نه هئي، اوڪاڙه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته مائنس نواز شريف تي ڪا به ڳالهه قبول ناهي، هن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ان جي ٽولي سان ڳالهين جو ڪو تصور به نه ڪري، هن چيو ته اليڪشن ۾ پنجاب جي اندر چونڊ اتحاد يا سيٽ ايڊجسمنٽ نه ٿيندي، ڪي پي ڪي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سيٽ ايڊجسمنٽ ڪنداسين، هن چيو ته طوفانن ۽ برفباري ۾ به اليڪشن ٿيندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.