لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته استحڪام جو رستو پولنگ اسٽيشن مان گذري ٿو. چونڊن کان اڳ جيڪي ماڻهو سردي، گرمي ۽ معيشت جي بهتري جون ڳالهيون ڪن ٿااهي ڀت تي لکيل لکت پڙهي چڪا آهن ۽ شڪست کان ڊڄن ٿا. اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ڏئي چونڊون ڊيڪوريش واريون نه پر صاف ۽ شفاف ٿين. اھڙن خيالن جو اظهار ھن منصوره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،هن چيو ته نگران حڪومت کي پاليسي معاملن ۾ فيصلا ڪرڻ جو اختيار ناهي بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ عوام سان ناانصافي آهي. نگران سيٽ اپ قوم جي بدران آءِ ايم ايف جي مفادن جي نگراني ڪري رهيو آهي.هن چيو ته چونڊن کان اڳ خاص تڪن ۾ اربين جا فنڊ جاري ڪرڻ پري پول رگنگ ۽ ڌانڌلي آهي ان معاملي کي لاڳاپيل فورمن تي ڀرپور نموني اٿاريو ويندو،هن چيو ته قومي ادارا وڪرو ڪرڻ بدران ڪرپشن تي ڪنٽرول ڇو نٿا ڪريو؟