خيرپور ڀرسان وڏيري جو جرڳو، جوڙو ڪارو قرار، 5 لک ڏنڊ

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)ھڪ سال اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو درپدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور، بااثر وڏيري پاران جرڳو، ڪارو  ڪاري تحت قتل ڪرڻ ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جو فيصلو، فيض گنج جي ڳوٺ مھر علي انڙ جي رھواسي اياز علي پٽ گھنور خان ڀٽي، ڳوٺ علي نواز ڀٽي جي رھواسڻ نوجوان ناري بسينه ڌيءَ محمد اسحاق سان ھڪ سال اڳ عمر ڪوٽ جي عدالت معرفت پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد جوڙو درپدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي، جوڙي خيرپور پھچي اخبار وارن اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، بسينه چيو ته ھڪ سال اڳ اسان عدالتي پيار جو پرڻو ڪيو هو، مائٽ ناراض آهن ۽ علائقي جي بااثر وڏيري جرڳو ڪري اسان کي ڪارو ڪاري تحت قتل ڪرڻ، 5 لک رپيا ڏنڊ ۽ ڳوٺ مان نيڪالي جو فيصلو ڪيو آهي، زندگي کي خطرو آهي، تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.