خيرپور (س ر)صوبائي نگران وزير روينيو ۽ انڊسٽريز محمد يونس ڍاڳا خيرپور جي صحافتي وفد سان ڳالهائيندي چيو ته شفاف ووٽ ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، نگران حڪومت عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جهدوجهد ڪري رهي آهي سنڌ ۾ زرعي زمينن ۾ هيرا ڦيري جعلي کاتا۽ رشوت جي بازار گرم لڳي پئي آهي ، جڏهن ته ان ڪرپٽ سسٽم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، خيرپور منهنجو ٻيو شهر آهي ڊپٽي ڪمشنر طور خيرپور ۾ مقرري دوران شهرين جي مليل محبت ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان، هن چيو ته 16 آفيسرن کي رشوت ۾ معطل ڪيو آهي سنڌ جي روينيو کاتي ڊپٽي ڪمشنر ، اسسٽنٽ ڪمشنر ،مختيار ڪارن جون بدليون ڪيون ويون آهن انڊسٽري ملڪ ۾ ترقي ۾ ريڙهه جي هڏي جهڙو ڪردار ادا ڪندي آهي،ان موقعي تي صحافي خادم ڪلهوڙو، آصف حسن زيدي، شاهد نواز سيال ۽ ٻيا موجود هئا،