اسلام آباد (م ڊ) سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ۾ عمران خان نارمل نظر اچي رهيو هو، وزن گهٽ، ذريعن موجب اڊيالا جيل جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي ۾ پهريون ڀيرو ملاقات ٿي، ٻڌڻي دوران ٻنهي وچ ۾ اڊيالا جيل جي عدالت ۾ مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن جي درخواست تي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي وڪيلن عمران خان سان ڪجهه دير ڳالهايو ۽ هٿ ملايو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بظاهر نارمل نظر اچي رهيو هو پر وزن گهٽ هو.