حيدرآباد(رپورٽر)حيدرآباد جي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 10 جي عدالت قتل ڪيس ۾ ملوث عورت اربابي ۽ سندس چاهيندڙ علي شير ماڇيءَ کي ٽن ڏينهن جي جانچ رمانڊ تي ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. خبر موجب 2 آڪٽوبر تي جوابدار عورت اربابي پنهنجي ڏير ۽ چاهيندڙ علي شير ماڇيءَ سان گڏجي پنهنجي مڙس علي اصغر ماڇيءَ کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ کان پوءِ قتل کي خودڪشيءَ جو رنگ ڏيڻ لاءِ مقتول علي اصغر ماڇيءَ جي لاش کي گلستان سرمست واري علائقي ۾ هڪ وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيو هو. اطلاع ملڻ تي لاش کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو هو. جاچ دوران معلوم ٿيو ته عورت اربابي ماڇي پنهنجي ڏير علي شير سان گڏجي مڙس کي قتل ڪيو ته جئين پنهنجي ڏير سان شادي ڪري سگهي. گرفتاريءَ کان پوءِ جوابدارن پوليس آڏو اهڙو انڪشاف به ڪيو هو ته انهن کيس قتل ڪري واقعي کي خودڪشيءَ جو رنگ ڏيڻ لاءِ لاش کي وڻ ۾ لڙڪائي ڇڏيو هو،ڊي ايس پي لطيف آباد وحيد لاڙڪ ۽ ايس ايڇ او ايئرپورٽ فهيم فتح پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته علي اصغر ماڇي جوموت خودڪشي نه پر قتل هو، نوجوان جي قتل ۾ سندس زال ۽ ڀاءُ ملوث آهن، بنهي اعتراف ڪيو آهي ته مقتول کي پهرين نشو ڏئي بيهوش ڪيو ۽ پوءِ ڳلودٻائي قتل ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته ڀاڄائي ۽ ڏير هڪ ٻئي کي پسند ڪندا هئا ۽ رستي تان هٽائڻ لاءِ نوجوان جي حياتي کسي وئي،