فزڪس جو نوبل انعام سوئيڊن، جرمني ۽ آمريڪا جي محققن جي نانءُ

ڪراچي (م ڊ) سوئيڊن جي رائل اڪيڊمي آف سائنسز 2023ع لاءِ فزڪس جو نوبيل انعام ٽن سائنسدانن کي گڏيل طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو  آهي، آمريڪا، جرمني ۽ سوئيڊن جي سائنسدانن کي ايٽم جي اليڪٽرونز تي تحقيق لاءِ فزڪرس جو نوبيل انعام ڏنو ويندو، آمريڪا جي اوهائيو اسٽيٽ يونيورسٽي جي پيري گوستيني، جرمني جي ميڪس پلانڪ انسٽيٽيوٽ آف ڪوانٽم آپٽڪس جي فرينڪ ڪروز ۽ سوئيڊن جي  لُنڊ يونيورسٽي ي اين ايل هوليئر کي نوبيل اعزاز سان نوازيو ويندو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽنهي ماهرن کي هي انعام ايٽم، ماليڪيولز ۾ اليڪٽرانز جي ڳولا جي اوزارن تي تحقيق لاءِ ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.