سڪرنڊ (رپورٽ: لطيف جمالي) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي جلباڻي جي چئن شهيدن جو ڇهين به تڏو وڇايل، وارثن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي، شهيدن جا وارث پنهنجي پيارن کي ياد ڪندي اڃا تائين لڙڪ لاڙي رهيا آهن، شهيدن جون ونيون ، مائرون قاتلن کي پٽون پاراتا ڏئي رهيون آهن، ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ فائرنگ بعد قتل ڪيل ۽ زخمي ٿيلن جي وارثن ۽ ڄاڻايل ڪيس جي فريادي راھب جلباڻي،مٺل جلباڻي، گل جلباڻي، سڪرنڊ پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته بيگناھ ۽ بيدردي سان قتل ڪيل ڳوٺاڻن ۽ زخمين لاءِ پرامن طور جدوجھد ڪرڻ جي ڏوھ ۾ پوليس پاران رڪاوٽون وجھي ھيسائيڻ لاءِ حربا ھلائي 250 ڳوٺاڻن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، جڏهن ته گذريل رات دير سان سڪرنڊ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ماڙي جلباڻي پھچي ٿاڻي جو سمورو رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي پوليس اسٽيشن ماڙي جلباڻي کي بند ڪري ڇڏيو آھي ۽ اهو ڄاڻايو آهي ته ڳوٺاڻا ٿاڻي کي باھ ڏيندا جڏھن ته اسان سڀ ڳوٺاڻا پرامن ماڻھو آھيون ۽ اسان پنھنجي شھيدن ۽ زخمين جو انصاف پرامن جدوجهد ذريعي اعليٰ عدالتن مان وٺنداسين، اسان کي خدشو آهي ته پوليس ٿاڻي کي باهه ڏئي اهو الزام به اسان مٿان هڻندي، ھنن چيو ته نگران وزير اعليٰ سنڌ پاران جوڙيل ڪاميٽي تي بي اعتمادي ظاهر ڪريون ٿا، هنن چيو ته مطالبو ٿا ڪريون ته معاملي تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي.
حيدرآباد بار جي وڪيلن طرفان شهيدن جو ڪيس مفت وڙهڻ جو اعلان
سڪرنڊ: حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار جي اڳوڻي نائب صدر اندر جيت لوهاڻو، ايڊووڪيٽ ڌڻي بخش سولنگي، ايڊووڪيٽ محب آزاد، ايڊووڪيٽ مصور شاهه ، ايڊووڪيٽ مسعود سومرو، ايڊووڪيٽ فهيم شيخ، ايڊووڪيٽ ڪريم بخش رند، ايڊووڪيٽ اعجاز ڏاهري ، ايڊووڪيٽ شبير سولنگي، ايڊووڪيٽ جنيد ڏاهري ۽ ٻين 20 کان وڌيڪ وڪيلن ماڙي جلباڻي پهچي شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي وڪيلن شهيدن جي وارثن کي يقين ڏياريو ته توهان جو ڪيس اسان مفت وڙهنداسين، چاهي هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ ۾ هلي، جڏهن به توهان کي ضرورت پوي اسان حاضر رهنداسين، ماڙي جلباڻي جي پورهيتن کي بي گناهه شهيد ڪيو ويو آهي. هن واقعي جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.
سڪرنڊ ۾ سنڌ جي غريب عوام کي نشانو بڻايو ويو: سگا
ڪراچي(پ ر) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن 29 سيپٽمبر 2023ع تي ڳوٺ ماڙي جلباڻي تعلقو سڪرنڊ ۾ قانون لاڳو ڪندڙن وڏي اٽالي سان حملو ڪري ڳوٺاڻن تي قهري آپريشن ڪري پنجن غريب ڳوٺاڻن کي گولين جو نشانو بنائڻ ۽ چادر ۽ چوديواريءَ جي تقدس کي تار تار ڪرڻ تي تمام گهڻي ڏک جو اظهار ڪري ٿي. هڪ طرف فرضي الزام تحت ڳوٺاڻن کي لاشن جو تحفو ڏنو ۽ ٻئي طرف سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ڳوٺاڻن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا آهن، قانون نافذ ڪندڙ ادارن جون ظالماڻيون ڪارروايون خبر ناهي ته ڪنهن جي چرچ تي ڪيون ويون پر نشانو سنڌ جو غريب عوام بنايو ويو،سگا هن ظالماڻي عمل جي سخت لفطن ۾ مذمت ڪري ٿي. بيان ۾ وزيراعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ويو ته هن واقعي جي جڊيشل جاچ ڪرائي وڃي .
ڊي ايس پي حميد جلباڻي طرفان واقعي واري هنڌ جو معائنو، وارثن سان تعزيت
سڪرنڊ: ڊي ايس پي حميد جلباڻي پوليس آفيسرن سان گڏجي سول ڪپڙن ۾ ، پرائيويٽ گاڏين ۾ شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ واقعي واري جاءِ جو معائنو ڪيو. وارثن کان واقعي جا تفصيل پڇيا ۽ ماحول کي ڏسي ٽيم واپس نوابشاهه رواني ٿي وئي، جڏهن ته وزير اعليٰ سنڌ پاران جوڙيل ڪاميٽي اڃا تائين جاءِ واردات جو معائنو نه ڪيو آهي نه ئي ڳوٺ اچي واقعي بابت بيان ورتا آهن، وارثن مٺل جلباڻي، گل جلباڻي جو چوڻ آهي ته نوابشاهه مان ڊي ايس پي ڪجهه پوليس آفيسرن سان گڏجي شايد ماحول کي ڏسڻ آيا اسين پرامن آهيون ۽ ٽيم ايندي ته اسان انهن سان مڪمل سهڪار ڪنداسين.