ٽرمپ جي ڪاروبار تي مستقل پابنديءَ جو مطالبو

نيويارڪ(م ڊ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف سول فراڊ جي ڪيس ۾ دوکو ڏيڻ ذريعي 10 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ ڪمائڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. خابرو اداري رائيٽرز مطابق اڳوڻو  صدر ۽ سندس پُٽ دوکي ۾ ملوث هجڻ بابت ڪيس شروع ٿي ويو آهي ته ان موقعي تي نيويارڪ جي اٽارني جنرل عدالت کي ٻُڌايو ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ملڪيت جي حوالي سان ڪوڙ ڳالهائي 10 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ رقم ڪمائي. اٽارني جنرل ليٽيا جيمز گهٽ ۾ گهٽ 25 ڪروڙ ڊالر ڏنڊ لڳائڻ ۽ سندس پُٽن ڊونلڊ جونيئر ۽ ايرڪ خلاف نيويارڪ ۾ ڪاروبار هلائڻ تي مستقل پابندي ۽ ٽرمپ ۽ ٽرمپ آرگنائيزيشن خلاف 5 سال جي ڪمرشل ريئل اسٽيٽ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. عدالتي ڪارروائي شروع ٿيڻ کان اڳ ڊونلڊ ٽرمپ صحافين کي ٻُڌايو ته ليٽيا جيمز سياسي انتقام وٺي رهيو آهي ۽ هڪ ڪوڙو ڪيس ٺاهيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.