پاڪستاني پروفيسر ڊاڪٽر منظور سومري چين ۾ ايوارڊ ماڻي ورتو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) نامياري پاڪستاني پروفيسر ڊاڪٽر منظور حسين سومرو چين ۾ ايوارڊ ماڻيو آهي. پاڪستان  سائنس فائونڊيشن جي اڳوڻي چيئرمين ۽ ايڪو سائنس فائونڊيشن جي اڳوڻي باني صدر، ملڪ جو نامياري اسڪالر، پروفيسر ڊاڪٽر منظور حسين سومرو کي چائنيز فرينڊ شپ ايوارڊ جي تقريب ۾ خصوص طور تي شرڪت جي دعوت ڏني وئي. پروفيسر ڊاڪٽر منظور حسين سومرو سندس گھرواريءَ سان گڏ اعزازي مهمان جي حيثيت سان تقريب ۾ شرڪت ڪئي.  چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار ۽ اقتصادي تعاون تنظيم (ايڪو) خطي ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ سندس اهم ڪردار وڏي اهميت وارو رھيو آھي جنھن ۾ خاص طور تي عوامي جمهوريه چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو قابل ذڪر آھي. اها ايوارڊ تقريب 28 سيپٽمبر 2023 تي وزيراعظم سان دوستي ايوارڊ ماڻيندڙ پرڏيهي ماهرن سان گڏ پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي اعليٰ سطحي ملاقات کان پوءِ ٿي. چائنه جي وزيراعظم لي چيانگ، پروفيسر سومرو سميت ايوارڊ حاصل ڪندڙ ماهرن سان ملاقات ڪئي. اھا ڳالهھ قابل ذڪر آھي ته هن عالمي اسٽيج تي پروفيسر منظور سومرو جي سڃاڻپ  پاڪستان لاءِ وڏي فخر ۽ چين لاءِ خوشي جو پڻ سبب ڊاڪٽر سومرو چائنه جي ٻن ساک وارين يو يونيورسٽين بيجنگ ٽيڪنالاجي ۽ بزنس يونيورسٽي (BTBU) ۽ چائنا زرعي يونيورسٽي (CAU) بيجنگ ۾ اعزازي پروفيسر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

مولانا ضياءُ الرحمان کي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو:پوليس

ڪراچي (رپورٽر) ڊي آءِ جي اوڀر غلام اظفر مهيسر چيو آهي ته گلستان جوهر بلاڪ ۾ 12 سيپٽمبر جي رات عالم دين مولانا ضياءُ  الرحمان جي قتل ۾ ملوث 4 جوابدارن جاچ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن، ڪراچي ۾ ڊي آءِ جي اوڀر غلام اظفر مهيسر ۽ ايس ايس پي عرفان بهادر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جي حوالي سان تفصيل ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايا، ڊي آءِ جي اوڀر غلام اظفر مهيسر ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 70 هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا، لڳ ڀڳ 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته 4 جوابدارن گل شير ولد نور خان گوپانگ، حق نواز گوپانگ ولد عاشق حسين، عمير ولد محمد ماجد ۽ ياسين ولد زر زمين عادي ڏوهاري ۽ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڏوهي وارداتن ۾ ملوث آهن، ڊي آءِ جي موجب مولانا ضياءُ الرحمان کي به ڦرلٽ دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو، غيرقانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين خلاف به ڪريڪ ڊائون جاري آهي، غيرقانوني طور تي رهندڙ افغان شهري ڏوهي وارداتن ۾ ملوث آهن.

ڪراچي: اوليڪس ذريعي ڦر جون وارداتون ڪندڙ 6 رڪني گينگ گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي شهر ۾ آن لائين ايپليڪيشن اوليڪس ذريعي ڦر جون وارداتون ڪندڙ 6 رڪني گينگ گرفتار،  سرجاڻي ٽائون پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 6 رڪني گينگ کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي آن لائين خريداري ۽ وڪرو ڪرڻ واري ايپليڪيشن ذريعي سوين ڦر جون وارداتون ڪندا هئا، ايس ايس پي ويسٽ مهروز علي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن ۾ گهربل گروپ جو سربراھ احتشام عرف آصف ڊان به شامل آهي، گرفتار جوابدار وٽان 4 پستول، 9 موبائيل فون، هڪ ڪار، هڪ موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي، مهروز علي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن ۾ احتشام عرف آصف ڊان، رميز عرف راحيل، عمر، دانيال، سرفراز عرف فراز ۽ علي رضا شامل آهن. ايس ايس پي اولهه جو چوڻ هو ته جوابدار اسٽريٽ ڪرائم، بينڪ ڦر ۽ ٻين وارداتن ۾ به ملوث آهن، هن چيو ته احتشام آصف ڊان اولڪس تي عورتن ۽ مردن جون جعلي آءِ ڊي ٺاهيندو هو ۽ موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ خريد ۽ وڪرو ڪندو هو ۽ ان بهاني سان شهرين کي ڪنهن هنڌ گهرائي پنهنجي ساٿين کي اطلاع ڏئي انهن کان ڦر لٽ ڪندو هو.

ڪراچي ۾ بينڪ جي وين ڦريندڙ جوابدار وهاڙي مان گرفتار، 5 ڪروڙ هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ بئنڪ جي ڪيش وين کي ڦر ڪندڙ جوابدار کي وهاڙي مان گرفتار ڪيو ويو، ڪراچي ۾ بئنڪ  جي ڪيش وين کي ڦر ڪندڙ جوابدار مبشر کي وهاڙي مان گرفتار ڪيو ويو، پوليس جوابدار جي ڀاءُ وٽان 5ڪروڙ 31 لک 85 هزار 500 رپيا روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي، ذريعن موجب هٿ آيل رقم اڃا تائين ڪراچي پوليس حوالي نه ڪئي وئي، جڏهن ته ٻن گرفتار جوابدارن کي چئن ڏينهن کان ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو، وھاڙي مان هٿ آيل 5 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم پهرين لاهور منتقل ڪئي وئي، پوليس موجب جوابدارن کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته رقم هڪ ٻن ڏينهن ۾ ايس ايڇ او ڪورنگي  حوالي ڪئي ويندي.

خيبرپختونخواهه ۾ 51 سيڪڙو افغاني غير قانوني، ڏوهن ۾ ملوٽ

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه ۾ هلندڙ سال 3 هزار 911 افغان پناهگير ڏوهن ۾ ملوث مليا آهن.دستاويزن موجب هن سال  خيبرپختونخواهه ۾ 597 افغان پناهگيرن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستاني شناختي ڪارڊ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، 6 لک 48 هزار 968 افغان پناهگيرن وٽ پي او آر ڪارڊ آهن. دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 8 لک 40 هزار افغان پناهگيرن ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 3 لک 70 هزار افغان پناهگيرن وٽ افغان شهريت ڪارڊ آهن. دستاويزن موجب اسلامي امارتن جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ افغان پناهگيرن جي آمد ۾ اضافو ٿيو، خيبرپختونخواهه ۾ 51 سيڪڙو غير قانوني افغاني رهائش پذير آهن.

حب: گئس ليڪيج  سبب هڪ شخص فوت، 2 بيهوش

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) حب جي علائقي آله آباد ٽائون ڊاڪ خانه ويجهو گهر جي سيوريج لائن جي صفائي دوران گئس ڀرجڻ  بعد ساهه ٻوساٽجڻ سبب هڪ شخص فوت ۽ 2 ڄڻا بيهوش ٿي پيا. اڌي ذريعن مطابق فوتي ۽ بيهوش ماڻهن کي ايڌي ايمبولينس ذريعي حب سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ايڌي ذريعن جو چوڻ آهي ته فوتي جي سڃاڻپ وقاص پٽ ظفر جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته بيهوش جي سڃاڻپ عارف پٽ ستار ۽ شهباز پٽ نزير جي نالي سان ٿي آهي جيڪي حب جا رهواسي آهن.

لاهور ۾ پيءُ هٿان چار معصوم ٻار قتل

لاهور(م ڊ) لاهور ۾ سنگدل پيءُ پنهنجي چار معصوم ٻارن کي واهه ۾ ٻوڙي قتل ڪري اغوا  جو ڪوڙو ڊرامو رچايو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، هوڏانهن پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ڪاهنه ۾ 4 معصوم ٻارن جي قتل جي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير محسن نقوي معصوم ٻارن جي قاتل پيءُ خلاف قانون تحت سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير محسن نقوي چيو ته دل ڏکوئيندڙ واقعي تي دلي صدمو ٿيو آهي. جوابدار قانون مطابق عبرتناڪ سزا کان نه بچندو.

ڪياماڙي ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل 15 افغان شهري گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪياماڙي ضلعي ۾ مختلف هنڌن تي غيرقانوني طور تي ترسيل 15 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.  ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند جي هدايتن تي ڪياماڙي پوليس ڪارروائيون ڪندي غيرقانوني طور تي ترسيل 15 افغان باشندن کي گرفتار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪياماڙي پوليس غيرقانوني طور تي ترسيل افغان باشندن کي جيڪسن، موچڪو، ڊاڪس ۽ مدينا ڪالوني ٿاڻن جي حدن مان گرفتار ڪيو آهي. ٻئي پاسي گذريل رات گذريل رات جنگل سائيڊ مڇر ڪالوني ۾ پوليس مقابلي بعد هڪ جوابدار زين العبابدين عرف بلا کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان لوڊ ٿيل ميگزين سوڌو هڪ پستول ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي آهي. گرفتار جوابدار ان کان اڳ اقدام قتل، ڦرن ۽ ناجائز هٿيارن جهڙن سنگين ڪيسن ۾ گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آهي. پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.