ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي هدايت تي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد امتياز علي شاهه ضلع ڏکڻ جو هنگامي دورو ڪيو ۽ صفائي سٿرائي جي ڪم ۾ سستي، عملي جي غيرحاضري ۽ خراب مشينري تي سخت نوٽس وٺندي چيو ته صفائي جي ڪم ۾ سستي ۽ غفلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. ضلع ڏکڻ جي دوري ۾ سي وي روڊ، باغ ابن قاسم، بلاول چورنگي، اولڊ ڪلفٽن، بوٽ بيسن، ڊاڪٽر ضياءُ الدين روڊ، نهر خيام، ڊائمنڊ ٽاور، گلاس ٽاور، خيابان اقبال، ڪينٽ اسٽيشن، هجرت ڪالوني، گزري ۽ ٻيا علائقا شامل هئا. هن گهٽين ۽ چوڪن جي صفائي جو جائزو ورتو ۽ ڏٺائين ته ڪچري جا ڍير ٻاهر روڊ پاسي پيل آهن جنهن تي هن هدايت ڪئي ته روڊن تي رکيل ڊسٽ بِن کي فوري طور تبديل ڪيو وڃي. هن چائلڊ ليبر جو پڻ نوٽيس ورتو ۽ ٻارن کان مزدوري ڪرائڻ خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ڪچري جي جلد صفائي سان گڏ روڊن کي مشينن ذريعي ڌوئڻ ۽ فوٽ پاٿن جي صفائي جي پڻ هدايت ڪئي.