سنڌ سرڪار پاران غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي لاءِ اهم قدم، ڪميٽيون قائم

ڪراچي(م ڊ) سنڌ حڪومت غير قانوني پرڏيهين جي واپسي لاءِ اهم قدم کڻندي صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي عملدرآمد ڪميٽيون قائم ڪري ڇڏيون آهن.سنڌ جي گهرو کاتي غير قانوني پناهگيرن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ٽن ڪميٽين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب صوبائي مهاجرن جي واپسي ڪميٽي جو  نوينر ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو هوندو.نوٽيفڪيشن موجب ڊويزنل ڪميٽي جو ڪنوينر ڪمشنر ۽ ضلعي ڪميٽي جو ڪنوينر ڊپٽي ڪمشنر هوندو، جڏهن ته پرڏيهي مهاجرن جي واپسي تي عملدرآمد ڪميٽي پوليس، ڪور هيڊڪوارٽر، آءِ بي، نادرا، ايف آءِ اي،آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ ڪمشنر افغان پناهگيرن جي نمائندن تي مشتمل هوندي..نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽيون غير رجسٽرڊ مهاجرن جو ڊيٽا گڏ ڪنديون ۽ انهن جي ملڪ بدر ٿيڻ ۽ اميگريشن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جون ذميوار هونديون، اهي ڪميٽيون صوبائي سرحدن ۽ شهري علائقن ۾ پرڏيهي رهواسين جي روڪٿام جي به نگراني ڪنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.