غير قانوني پرڏيهين کي پهرين نومبر تائين ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

اسلام آباد(م ڊ)  قومي ايپيڪس ڪميٽي پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبن جا وڏا وزير، آرمي چيف،  سول ۽ عسڪري اختيارين، ڳجهن ادارن جي سربراهن، چئني صوبن جي آءِ جيز ۽ چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي گڏيل امن امان جي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو ويو. ايپيڪس ڪميٽي نيشنل ايڪشن پلان جي تحت پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ مان ڪڍڻ جي لاءِ حتمي ڊيڊ لائن ڏيڻ جو امڪان آهي. سمورا پرڏيهي امڪاني ڊيڊ لائين تائين سمورا اثاثا وڪرو ڪري پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جا پابند هوندا. ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ تي پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪيو ويندو ۽ سندن ملڪيت به ضبط ڪئي ويندي. پاڪستان ۾ صرف(پروف آف رجسٽريشن) رکندڙ افغان پناهگير رهي سگهندا. افغان شهري قانوني طور تي جاري ڪيل ڊيجيٽائزڊ اي ترڪيزه تي ئي پاڪستان جو سفر ڪري سگهندا. باقاعده قانوني ويزا رکندڙ افغان شهري به پاڪستان جو سفر ڪرڻ جا اهل هوندا. پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن افغان پناهگير شهرين کي به امڪاني ڊيڊ لائين ڏيڻ تائين پنهنجي ملڪ واپس وڃڻو پوندو. نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جنوري کان هينئر تائين 24 خودڪش حملا ڪيا ويا جن مان 14 حملن ۾ افغاني ملوث هئا. افغانستان جي زمين تان اسان جي مٿان حملا ڪيا وڃن ٿا جنهن جا ثبوت اسان افغان اختيارين جي آڏو رکندا آهيون. افغانستان ۾ شيخ بيت الله جي فتويٰ تي عمل ٿيڻ گهرجي. اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي  پهرين نومبر تائين پنهنجي ملڪ واپسي جي هدايت ڪئي وئي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذريعي پهرين نومبر کان انهن کي ڊي پورٽ ڪيو ويندو. ان کان پوءِ ڪوبه پاسپورٽ تي ويزا وٺي پاڪستان اچي سگهندو. گهرو وزير چيو ته ويب پورٽل ذريعي غيرقانوني پناهگيرن، غيرقانوني ملڪيتن جي حوالي سان اطلاع ڏئي سگهبي جنهن تي انعام به ڏنو ويندو. منشيات جي خلاف سخت کان سخت قدم کنيا پيا وڃن. بلوچستان ۾ هڪ وڏو آپريشن ڪيو ويو آهي. وڌيڪ سخت آپريشن ڪيا ويندا. سرفراز بگٽي چيو ته ڪنهن  کي به ڪنهن به نالي تي تشدد جي اجازت نه هوندي. ڪوبه پنهنجو ايجنڊا بندوق جي زور تي مڙهڻ چاهيندو ان تي رياستي ادارا حرڪت ۾ ايندا. اسلام جي نالي تي رياست تي حملو ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اسلامي تعليم جي خلاف ڪنهن کي  به اقليتن خلاف جٿا ٺاهڻ جي اجازت نه هوندي. انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اقليتن کي مڪمل تحفظ ڏنو ويندو. هن چيو ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجن ادارن کي مضبوط ڪري رهيا آهيون. نادرا هڪ قومي سيڪيورٽي کاتو آهي جنهن جي ڊيٽا تمام اهم آهي ان ڳالهه کي آڏو رکندي نادرا چيئرمين جي مقرري ڪئي وئي آهي. چيئرمين نادرا جو ڊيجيٽل ورڪ ۾ تمام گهڻو ڪردار آهي اهو نادرا جي معاملن کي صحيح ڪندو.  هن چيو ته غيرقانوني پناهگيرن وٽ ڪي به دستاويزات نه آهن  پاڪستان ۾ 44 لک افغاني آهن جن مان صرف 17 لک 30 هزار قانوني طور تي ترسيل آهن. اسان وٽ صلاحيت موجود آهي غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي سگهون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.