اسرائيل، پاڪستان لاڳاپا ۽ 75 ارب ڊالرن جو پيڪيج

تحرير: سڪندر چنو

اسرائيل ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ آمريڪا جو ڪليدي ڪردار سامهون آيو آهي. سعودي ۽ اسرائيل جي لاڳاپن کي آمريڪي صدر جو بائيڊن پنهنجي سفارتڪاري ۽ خارجه پاليسي کي وڏي ڪاميابي ڪوٺيو آهي. اڱاري تي صبح جو فلسطينن جي لاءِ سعودي عرب جو پهريون سرڪاري وفد جنهن جي اڳواڻي نايف السديري جيڪو هاڻي اردن ۾ سفير پڻ آهي ڪري رهيو آهي. سعودي وفد ڪراما ڪراسنگ وسيلي فلسطين پهتو. ڪراما ڪراسنگ اسرائيل سرحد تي داخل ٿيڻ کي ڪنٽرول ڪندو آهي. فلسطين جي پرڏيهي وزارت ان دوري کي رياض سان لاڳاپين کي وڏي اهميت سڏي ٿي. سعودي وفد سان رام الله ۾ ملاقات ٿي جيڪو فلسطين اٿارٽي جو هيڊڪوارٽر آهي.

سعودي سفارتڪاري وفد جو استقبال فلسطيني صدر محمود عباس ڪيو. ڪجهه وقت اڳ سعودي ۽ ايران جي بحال ٿيل لاڳاپن کان پوءِ اسرائيل پريشان ۽ خوف زده هيو. بحرالحال هڪ انٽرويو ۾ سعودي وزيراعظم پرنس محمد بن سلمان چيو هيو ته اسين روزانو سعودي عرب ۽ اسرائيل جي وچ ۾ لاڳاپن کي ويجهو آڻڻ لاءِ ورڪ ڪري رهيا آهيون. محمد بن سلمان ان ڳالهه کي به ورجايو آهي ته ڀلي اسان جا اسرائيل سان لاڳاپا بحال ٿي به وڃن پر اسان جو اصل مقصد فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ آهي. اسرائيل سفير هائيم ڪاٽز هن وقت سعودي عرب ۾ ئي موجود آهي.

ان کان اڳ تازو اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جنرل اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو هيو ته اسرائيل ۽ سعودي عرب هڪ اهم معاهدي جي بلڪل ويجهو آهن ان معاهدي ٿيڻ سان خطي جي صورتحال يڪسر تبديل ٿي ويندي ۽ خوشحالي ايندي. پر وري آمريڪا جي ٿنڪ ٽينڪ خبردار به ڪيو آهي ته ڳالهين کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اڃا باقي سفر ڪرڻو آهي. آمريڪا وڌيڪ چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جيڪڏهن سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ ڪا ڪامياب پيش رفت ٿئي ٿي ته پوءِ آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ هڪ دفاعي معاهدو ٿيندو جنهن سان سعودي عرب کي نيو ڪليئر پروگرام ۾ مدد ڏيئي سگهجي ٿي. آمريڪا ايران جي مقابلي ۾ سعودي عرب کي نيو ڪليئر ٽيڪنالوجي فراهم ڪري سگهي ٿو ته جيئن ايندڙ مستقبل ۾ سعودي عرب ايٽمي هٿيار يا ايٽمي بجلي گهر تعمير ڪري سگهي.

پر سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته آخرڪار سعودي عرب کي ايٽمي قوت ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ڇاڪاڻ ته سعودي عرب پوري مسلم دنيا لاءِ پاڪ سرزمين آهي ڪنهن کي به طاقت ناهي ته هو سعودي عرب تي ايٽمي هٿيارن سان هلان ڪري. جيڪڏهن ائين ٿيو به ته پوءِ دنيا جا مسلمان ملڪ هڪ آواز ٿي سعودي عرب جو ساٿ ڏيندا. اصل مسئلو فلسطينن جو آهي ۽ انهن کي اسرائيل جي عذاب کان بچائڻو آهي. جنهن ڪري سعودي عرب اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا بحال ڪري رهيو آهي. هوڏانهن سعودي عرب پاڪستان کي 75 ارب ڊالرن جي آفر ڏني آهي. هي هڪ پاڪستان لاءِ نيٽ ڪيش 75 ارب ڊالرن جو وڏو پيڪيج آهي. پاڪستان هڪ ارب ڊالرن لاءِ دنيا آڏو پندو رهي ٿو.

موجوده پاڪستان جي حالتن کي ڏيوالي جي ڪنڌيءَ تائين پهچائڻ به هڪ سازش هئي. ته جيئن پاڪستان معاشي طور ڪمزور ٿئي پوءِ پاڪستان کي ڏوڪڙن جي ضرورت پوندي ۽ پاڪستان کي ڊالر ملندا ۽ پوءِ پاڪستان ڊالرن جي عيوض اسرائيل کي تسليم ڪري وٺندو. اهيو پلان پي ڊي ايم جو هيو هن وقت سعودي عرب پاڪستان کي 75 ارب ڊالرن ڏيڻ جي آفر ڪئي آهي.

جيڪڏهن اسين ٿورا ڏينهن پوئتي وينداسين ته ڀارت ۾ جي 20 جو اجلاس ٿيو هيو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ڀارت اجلاس ۾ شرڪت ڪندي پاڪستان ۾ چار ڪلاڪ ترسڻ جو وائدو ڪيو هيو مگر نه آيو ۽ ڀارت وڃي پهتو. ان اجلاس جو پاڪستان ميمبر نه آهي. اجلاس ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن، يورپ، ترڪي، سعودي عرب ۽ ٻين اهم آسودن ملڪن شرڪت ڪئي. بحرالحال ڀارت معاشي طور پاڪستان کي گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. هن وقت به ڀارت جي نيٽ ڪيش 907 ارب ڊالر آهي ۽ پاڪستان جي نيٽ ڪيش 14 ارب ڊالر آهي. ان کان علاوه آمريڪا ۽ يورپ ڀارت مٿان ڊالرن ۽ يوروز جي برسات ڪري ڇڏي آهي. سعودي عرب به 100 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو ۽ 300 کان وڌيڪ ڀارتي ماڻهن لاءِ سعودي عرب لاءِ روزگار جا دروازا کولي ڇڏيا.

هاڻي چوڻ وارا چون ٿا ته پاڪستان 75 سالن جي وڏي عمر ۾ ڪشمرين کي نه بچائي سگهيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو يو اين ۾ ڪشمير جي  مسئلي تي زور ڏنو يا دنيا جي ٻين فورمن تي ته ان کي ڦاهي ڏني ويئي. ۽ اهڙي طرح دنيا جي مسلمان ملڪن ڏاڍا طاقتور زور ڏنا آهن پر فلسطين مٿان جاري اسرائيل جي ظلم کي بند نه ڪرائي سگهيا آهن. هن وقت آمريڪا جيڪا کچڙي پچائي رهيو آهي ته سعودي عرب معرفت پاڪستان مٿان دٻاءُ وجهي يا سعودي عرب طرفان پاڪستان جي معيشت کي مٿي آڻڻ لاءِ 75 ارب ڊالرن جو پيڪيج ڏنو وڃي ۽ ان جي موٽ ۾ پاڪستان اسرائيل کي تسليم ڪندي سفارتڪاري لاڳاپا بحال ڪري. بين الاقوامي اسٽيبلشمينٽ جو هن کچڙي ۾ وڏو ڪردار آهي. ڀارت جي ڳجهي ايجنسي “را” اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي “موساد” ۽ آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي “سي آئي اي” جو به پاڪستان جي معيشت کي تباهه ڪرڻ ۾ وڏو هٿ آهي. ملڪ ۾ ڊالر ڪيئن مهانگو ڪيو ويو. اسان جي خوشحال پاڪستان کي ڀارت، اسرائيل ۽ آمريڪا جي ڳجهين  ايجنسين وسيلي تباهه ڪيو ويو ۽ انهن ايجنسين وٽ اسان جا ماڻهو خريد ٿيل هئا. پاڪستان سان ڪوبه مخلص نه رهيو آهي. پي ڊي ايم جي 16 مهينن جي حڪومت ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو.

سعودي عرب پاڪستان ۾ لکين ايڪڙ جيڪا غير آباد زمين آهي ان ۾ وڏي رقم سيڙائيندو ۽ پاڪستان جي آبپاشي نظام ۾ وڏا سڌارا آڻيندو. ان کان علاوه بجلي گئس، پيٽرول، يورنيم، ڪاپر، ڪوئلو ۽ ٻين شين سميت 75 ارب ڊالرن جو جهاز نيٽ ڪيش سان ڀري کڻي ايندو. صرف پاڪستان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ حامي ڀري. هاڻي اها خبر ناهي ته اهي پئسا اسرائيل جا آهن يا آمريڪا جا؟ سعودي عرب جا اهڙا ڪهڙا مفاد اسرائيل ۾ آهن جو سعودي عرب 75 ارب ڊالر پاڪستان کي ڏيندو؟

اسرائيل چوي ٿو ته پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ ۽ ايٽمي قوت آهي ان ڪري اسرائيل جي خواهش آهي ته پاڪستان اسرائيل کي تسليم ڪندي سفارتي لاڳاپا بحال ڪري. باقي ايران به اچي ويندو ان کي سعودي عرب ۽ پاڪستان گڏجي مڃائي وٺندا.

اهوئي سبب آهي جو تازو آمريڪا پاران ايران جا ضبط ڪيل 6 ارب ڊالر قطر وسيلي ايران کي ڏنا ويا آهن ۽ ايران پاران پڪڙيل 6 امريڪي شهرين کي آزاد به ڪيو ويو آهي. قائداعظم اسرائيل لاءِ چيو هيو ته هي هڪ ناجائز اسٽيٽ آهي. پر انهن ڳالهين سان ڪوبه تعلق نه هجڻ گهرجي. هن وقت پاڪستان وڏي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. ۽ عوام وڏي مهنگائي سان جنگ ڪري رهيو آهي. ڀلا اسرائيل کي خطي مان ڪير ڪڍي به نه ٿو سگهي. بحرالحال پاڪستان فلسطين جي ظلمن کي آڏو رکندي اسرائيل کي تسليم ڪري سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آمريڪا مان واپس ٿيندي سعودي عرب ويو ۽ اتان جي ٿنڪ ٽينڪ سان اسرائيل جي معاملي تي اهم ملاقاتون ڪيون آهن. ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي دوري بابت اعلان ڪيو ويندو. پاڪستان آڏو ٻه مسئلا آهن هڪ ملڪ جو عوام بک مري رهيو آهي ٻيو 75 ارب ڊالرن جو پيڪيج. ۽ فلسطين مٿان ظلم گهٽ ٿيندو. محمد بن سلمان اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجواه کي به آفر ڏني هئي ته جيڪڏهن پاڪستان به اسرائيل کي تسليم ڪري ٿو ته پاڪستان جا جيڪي قرض آهن اهي سعودي عرب ادا ڪندو ۽ ملڪ کي وڌيڪ اربن ڊالرن جي وڌيڪ رقم به نيٽ ڪيش ڏني ويندي. پر ائين ٿي ڪونه سگهيو. سعودي عرب چاهي ٿو ته بلوچستان ۾ ريڪو ڊڪ ۾ موجود 500 ارب ڊالرن جو خالص سون، ڪي پي ڪي ۾ 600 ارب ڊالرن جي خالص ڪاپر ۽ ڪي پي ڪي گلگت بلتستان ۾ موجود 601 ٽريلن ڊالرن جي ايلومنيم خود خريد ڪندو ۽ پاڪستان کي ان جا به پئسا ڏنا ويندا. اهي پئسا 75 ارب ڊالرن کان علاوه آهن. ته پوءِ ٻڌايو وڃي ته پاڪستان ڪٿي وڃي بيهندو.

پر لڳي ائين ٿو ته اهيو ڪريڊٽ طاقتور حلقا نواز شريف کي ڏيندا. ڇاڪاڻ ته نگران سرڪار اهڙو قدم کڻي ڪونه ٿي سگهي. باقي راضي سڀ آهن. ڇاڪاڻ ته پاڪستان سعودي عرب ۽ دبئي کي ناراض به نه ٿو ڪري سگهي.

اهي ملڪ هميشه پاڪستان کي ڏکي وقت ۾ ساٿ ڏيندا رهيا آهن. هن وقت به پاڪستان جي وڏي افرادي قوت عرب ملڪن ۾ روزگار سان وابسطه آهي. جيڪڏهن پاڪستان سعودي عرب کي ناراض ڪيو ته پوءِ پاڪستان وڏين تڪليفن ۾ اچي ويندو ۽ پاڪستان جي افرادي قوت کي عرب ملڪن مان نيڪالي ڏني ويندي. هن وقت پاڪستان ۾ 9000 ارب روپيا معافياز بئڪن کان ٻاهر ڪڍي لڪائي ڇڏيا آهن جنهن سان پاڪستان معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي انهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ آرمي چيف ڪوششن ۾ رڌل آهي جيڪي جلد ٻاهر اچي ويندا. جيڪڏهن سعودي عرب جي آفر نه مڃي ويئي ته ڀارت پاڪستان کي معاشي طور ڪمزور ڏسندي ان جو فائدو به وٺي سگهي ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.