ڀارتي ساک ۽ ملڪي سياست جو معاملو

تحرير: رياض ابڙو 

اسان وٽ سياست، رياست جي چنبي مان ناهي نڪتي، هاڻوڪي هڪ بيان مان اها ڳالھه  اڃان به وڌيڪ پختي ٿي وڃي ٿي ، جڏهن ڪاڪڙ صاحب اهو چيو ته عسڪري ادارا سياست کان پري نه ٿا رهي سگهن مڃوسين، پر ملڪي حالتون ڪٿي پڄنديون، ڪير انهن ڳالهين جو ذميوار هوندو جنهن ۾ انٽرنيشنل ساک بحال ڪري سگهجي. ان ڪري جيڪي ادارا اسان جهڙي ملڪ جي مٿان باز وانگي اکيون وجهيون ويٺا آهن جن ۾ انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جن جي خيال ۾ اسان جهڙا ملڪ اهڙين ايٽمي طاقتن جي پالنا نه ٿا ڪي سگهجن جو هر سال ڪو نه ڪو آمريڪي اهو بيان ضرور ٿو ڏئي ته پاڪستاني ايٽمي طاقت خطري ۾ آهي ۽ اهي هاڻي مانيٽرنگ به ڪندا رهن ٿا ۽ انهن کي ان ڳالھه  جي ڳڻتي به آهي ته گهر جا پاليل طالبان پاڪستانين جي مٿان هلان ٿا ڪن، باقي اهي سڀ انهن مان جان نه ٿا ڇڏائي سگهن ته سرحدن تي ڇا ڪندا.

آءِ ايم ايف به انهن ڏمرن مان هڪ آهي جيڪو چاهي ٿو ته پاڪستان قرض وٺي رڳو بجيٽ ڊيفيسٽ ۽ سرڪيولر ڊيٽس پورا ڪندو رهي، ملازمن جي پينشنن جا بار جهڪا ڪندو رهي ۽ جيڪا ٻي رهيل کهيل خلق آهي اها پيٽرول، گيس، بجلي ۽ ٽيڪس جي ذمري پيسا ڀريندي رهي، اهي سڀ ٽيڪس جي مد ۾ ڏوڪڙ ڏيندا رهن ۽ سمجهن ٿا ته هي ملڪ ائين ئي هلندو رهندو ۽ شايد پائيدار رهندو. وري اسان ته ورلڊ بينڪ جي داٻي مان به ناهيون نڪري سگهيا،  ڊالر جي مهانگائي به پنهنجي بڻايل آهي، ان ڪري جو هاڻي هن عارضي سرڪار کي اها خبر پئجي وئي ته اهي سڀ حرفتون هٿ جون گهڙيل آهن جنهن ۾ ڊالر مهانگو ڪري ٻين ملڪن ڏانهن سمگلنگ ڪرڻ ۾ به پنهنجا ئي سرڪاري آفيسر ملوث آهن، ۽ جيڪي به پيٽرول ۽ ڊيزل جي سملگلنگ ٿئي ٿي اها به قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين جي نمائندن کانسواءِ ممڪن نه ٿي سگهي، ان ڪري ڳالھه  ٻي ته رهي پنهنجي جاءِ تي پر رياست جي سِرتوڙ ڪوشش اها ئي آهي ته جيترو پيٽرول خرچ ٿيندو اوترو رياست کي پيٽرول جي ليوي جي صورت پيسا ڳچ ملندا رهندا ان ڪري رياست ان ڳالھه  ۾ ناخوش ناهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل ايران جي رستي سمگلنگ ٿئي ان ڪري اها چوري بند ٿيڻ گهرجي ۽ ايران بارڊر تي سختي ٿيڻ گهرجي، باقي افغان بارڊر جو انهن کي ڪو فڪر ناهي.

ڀارت اسان کان ٻه هٿ اڳتي آهي، ان ڪري جو انهن جي ٻاهرين ملڪن ۾ ساک ۽ پتِ ويهاريل آهي  ۽ بين القوامي طور تي انهن کي مڃتا به آهي ته اهي امن امان جي معاملن ۾ ڀڙ آهن، اهي طالبان جهڙي ڏچي ۾ گهٽ ۾ گھٽ ڦاٿل ناهن (ڀلي هندو شدت پسند هجن به)، جيڪي به ڪن ٿا ان تي ٻاهريان ملڪ اعتبار به ڪن ٿا جنهن جو مثال هاڻوڪي 18 هين جي20 جي ميٽنگ هئي. ان گڏجاڻي ۾ 83 صفحن تي ٻڌل جنهن ۾ سسٽينبل ڊولپمينٽ گولز کان وٺي يوڪرين تي حملي جي مذمتي قرارداد به هئي پر ڀارت ۾ ايترو دم نه هيو ته هو روس جو نالو وٺي، ائين چئي ته روس يوڪرين تي حملو ڪري غلط ڪيو آهي، روس کي جڳائي نه ٿو هو هن خطي ۾ اهڙي طرح ڪنهن ڪمزور ملڪ تي حملو به ڪري. پر ڳالھه  اها به هئي ته رڍ مينهن کي ڪيئن چئي ته هل ڙي منهن ڪاري جو مينهن سڄي جو سڄي ڪاري آهي. ان ڪري ڀارت روس جو نالو وٺي يوڪرين تي حملي واري ڳالھه  ڪندي ڪندي رهجي ويو، ان ڪري ته ان ميٽنگ ۾ روس به شامل هيو. پر اتي ڀارت جي خلاف ڪنهن به مسلمان ملڪ کي همت نه ٿي ٿئي ته هو انهن کي ڪجھه  چئي سگهن ته اهي لائين آف ڪنٽرول تي ۽ ڪشمير ۾ جيڪي ظلم ڪن ٿا انهن جو ڇا؟، هاڻوڪن سکن جي بي سبب مارجڻ کانپوءِ انٽرنيشنلي ڀارت تي سوال کڙا ٿين ٿا ته اهي جيترا شدت پسند ۽ هندومت وارا آهن اوترا سٻاجها ٻين قومن ۽ مذهبن جي لاءِ ناهن، ان ڪري دنيا انساني حقن واري ڳالھه  تي سوال ٿي ڪري ته دنيا جي پنجين معاشي قوت ۽ دنيا جي بهترين جمهويت ۾ ماڻهن جو حال ڇاهي؟ جو ڀارت ڪيناڊا ۾ به پنهنجن مخالفن کي مارائڻ ۾ دير نه ٿي ڪري،  سڀاڻي جي سکن جي بغاوت ڪَرُ کنيو ته خالستان ٺهڻ ۾ دير نه ڪندو، جو پاڪستان اڳ ۾ ان پاليسيءَ تي عمل پيرا آهي ته دشمن جو دشمن دوست هوندو آهي  ان ڪري سکن کي پاڪستاني اختيارين ته بارڊر کولي ڏنو ته اهي ويزا فري پنهنجي عبادت گاهن ڏي اچي وڃي سگهن ٿا. پر ڀارت وٽ اهو جواز ضرور آهي ته اهي آءِ ٽي ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وڌي ويا آهن، اهي سائوٿ ايشيا جي ملڪن ۾ بهترين ملڪ آهن، جن جي معاشي سڌارن جي ڪري اهي هاڻي پاڻ ڀرا ٿي ويا آهن، جو اهي گهريلو ضرورتون پويون ڪيون ويٺا آهن. توڻي جو چين جي صورتحال ٻي آهي  پر هي هاڻي ايٽمي طاقت جي توازن جي ڪري ۽ هاڻوڪن ٻين سڌارن جي ڪري دنيا جي ملڪن جي اڪانامي سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سگهن ٿا.

اها ڳالھه  مڃون ٿا ته ڀارت دنيا جي بهترين جمهوريت آهي جن جي تاريخ ۾ فوج ڪڏهن به مداخلت ناهي ڪئي، انهن وٽ جيڪو پنجاب آهي  اهو اسان واري پنجاب وانگي ناهي، جيڪي رياستي ادارا آهن اهي اسٽبلشمينٽ ڀلي هجن پر عسڪريت پسند ناهن، ان ڪري اهي سڪون ۾ آهن ۽ انهن وٽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ناهي توڻي جو ڪشمير واري تڪرار جي ڳالھه  ٻي آ، هندو شدت پسندي بحث جو ٻيو چيپٽر آهي.برڪس واري اڪانامي ۽ سڪي واري گيم ۾ توڻي جو پاڪستان ناهي ۽ ڀارت ان ڏس ۾ اڳڀرائي به ڪندو ٿو رهي، ۽ دنيا کي پيغام ڏيڻ ٿو چاهي ته هو هاڻي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جو دائمي ميمبر ٿيڻ گهري ٿو ۽ ٿيڻ سان پهرين نقصان پاڪستان کي ئي ڏيندو، مڃون ٿا آبادي جي گهڻ جي ڪري ڀارت دنيا جي پنجين وڏي اڪانومي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن وڌن ٿا، ان ڪري ته انهن وٽ عسڪري مداخلت ناهي پر ڏکيائي اها به آهي ته ڀارت جو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جو ميمبر ٿيڻ خطري کان خالي نه هوندو ۽ عالمي طاقتون اهو سڀ ڪجھه  ڪنديون ۽ ڪري ڏيکارينديون. پاڪستان هونءَ ڀلي ڪيترو به معاشي ۽ اقتصادي حوالن سان ڪمزور به هجي پر هاڻي ممڪن آهي  ته بارڊرن جي ٽيشن جي ڪري عسڪري حوالن سان به ڪمزور ڄاڻايو وڃي ان ڪري ته بارڊرن تي ٽيشن گهٽجن نه ٿا.، ڀارت جي هاڻي آءِ ايما سي (انڊيا مڊل ايسٽ يورپ ڪاريڊور) ٺاهي ويو جيڪو سي پيڪ وانگي هوندو ڇو ته ڀارت اڪانومي جي حوالي سان گهڻو ڪم ٿو ڪري. ڳالھه  اها به آهي ته جڏهن ڀارت دنيا کي سستي ليبر تي ڪم ڪري ڏيندو، سيڪورٽي جا مسئلا حل ڪري ويندو ته اهي سڀ ڪمپنيون جيڪي چين ۾ ڪم ڪن ٿيون اهي سڀ ڀارت کي آڇ ڏيندا، اتي فرينچائيز ٺاهي ڏيندن جيئن آءِ فون کان وٺي مائڪروسافٽ جون فرينچائيز ۽ هاڻي گاڏين جا ڪارخانا به چين ۾ هڻي چڪا آهن.، جيڪي برطانوي ڪمپينون آهن جيڪي ليبر جي مهانگي هجڻ جي ڪري اهي سڀ ڪمپنيون چين ۾ هلائي ڪم ڪن ٿا پيا اهي سڀ هاڻي ممڪن آهي  ته ڀارتي توسط سان هلي پون. پر مونجهارو رڳو اهو آهي ته جيترو پاڪستان سولو آهي  ۽ آساني سان پهچ ۾ آهي اوترو ٻيو ڪو ملڪ ناهي، جيترو اهو سڀ ڪم (سي پيڪ) آساني سان پاڪستان ۾ ٿي سگهي ٿو اوترو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ممڪن ناهي.

اسان به سدائين ٻه واٽي تي رهندا آياسين جو جن ملڪن سان ثقافتون ۽ مذهبي ريتون رسمون نه ٿيون ملن انهن سان اسان جا لڳ لاڳاپا تمام گهڻا ويجها رهندا آيا آهن اهي اسان جو دوست ملڪ آهن، مثال چين سان ڪا شيءِ نه ٿي ملي نه ٻولي نه مذهب نه ڪلچر نه ريتون نه رسمون پر جن ملڪن سان اهي سڀ شيون ملن ٿيون اهي جاني مالي دشمن آهن جيئن افغانستان، ايران ۽ ڀارت، پوءِ اهڙي حالتن مان گھٽ ۾ گھٽ اسان نه آجا ٿا ٿي سگهون. وري 1998 ۾ ڀارت جڏهن ايٽمي ڌماڪا ڪيا ته اسان به ڪَرُ کنيو پر هاڻي ڇا ڪيون جو جڏهن ڀارت چنڊ جون ڪوڙيون سچيون تصويرون ڏيکاريون ۽ اتي پڄي ڏيکاريو، کڻي ڪيئن به پر اسان وارا جي ائين ڪن به ته انهن تي پتِ ڪير ڪندو، پنهنجا ئي ماڻهو چوندن ته اهي سڀ ڪنهن فلمي اسٽوڊيو ۾ ڀريل آهن، جن مان اهو ثابت آهي ته جڏهن چنڊ تي هوا ئي ناهي ته اتي جهنڊو ڪيئن ڦڙڪيو، انهن وڊيوز مان ائين ٿو لڳي ڄڻ چنڊ جي سطح ڪنهن دڙي نما جاءِ جي آهي جو پريان ٻيو ڪنارو نظر ٿو اچي، اهڙا ڪيئي سوال، بهرحال ساک جي وڏي ڳالھه  آهي  جيڪا اسان جهڙا ٽين دنيا جا  ملڪ نه ٿا ڪري سگهن، جيڪي معاشي طرح دٻيل آهن ۽ دٻيل رهندا. ٻي ڳالھه  اها آهي  ته جيڪي ايجنڊائون عالمي ملڪن ۾ هلن ٿيون جنهن جي8 ۽ جي20 ملڪن جي گڏجاڻين جي وڏي هاڪ آهي  ته اهي ملڪ هڪٻئي جي ترقي مان سکن ٿا، اهي ملڪ معاشي ترقي کي سڀ ڪجھه  ٿا سمجهن، اهي سمجهن ٿا جنهن گهر جا فرد ڪمائڻ جهڙا، ججهو ڪمائڻ وارا هوندا آهن اهي دنيا جون سڀ سک، راحتون، چين ۽ آسائشون ماڻي سگهن ٿا باقي سکڻا حوال ڪرڻ مان، سکڻيون بندوقون اولرائڻ مان ڪجھه  نه ٿو وري.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.