پاڪستان ۾ موتمار وائرس جو خطرو، 100 مان 74 ماڻهو ماري ٿو!

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارت کان اڳ ”خطرناڪ وائرس نپا“ پاڪستان ۾ به امڪاني پکيڙ کي نظر ۾ رکندي هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، وائرس سبب فوتگين جي شرح 74 سيڪڙو آهي.

تفصيلن موجب لاهور سوڌو سڄي پنجاب ۾ هڪ ٻئي خطرناڪ وائرس جو خطرو لامارا ڏيڻ لڳو، پنجاب جي صحت کاتي (nipah) نالي وائرس جي امڪاني خطري ۽ پکيڙ کي نظر ۾ رکندي هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

خط ۾ گائيڊ لائنز جاري ڪيون ويون، صحت کاتي جي خط موجب نپا کي هڪ خطرناڪ وائرس قرار ڏنو ويو، جنهن مان متاثر ماڻهو جي فوتگي جي شرح 74 سيڪڙو ٻڌائي وئي آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته نپا نالي وائرس پاڙيسري ملڪ ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ خدشو آهي وائرس پاڪستان ۾ به منتقل ٿي سگھي ٿو، جنهن لاءِ سڄي پنجاب جي سڀني ضلعن ۾ فوري طور تي احتياتي تدبيرن تي عملدآمد ڪيو وڃي.

صحت کاتي جو چوڻ هو ته سڀني شڪي نپا وائرس مان متاثر مريضن جو ڊيٽا بروقت ڊيش بورڊ تي اپلو ڪيو وڃي ۽ سنڀي نجي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ان وائرس جون گائيڊ لائنز ٻڌايون وڃن گڏوگڏ سڀني مريضن جي نگران ۽ شڪ جي بنياد تي انهن مريصن کي ڌار رکيو وڃي ۽ بروقت جاچ کي يقيني بڻائي سيمپل کي گڏ ڪري پي سي آر لاءِ ليبارٽري موڪليو وڃي.

خط ۾ ٻڌايو ويو ته اهو وائرس جانورن مان انسانن ۽ هڪ شخص مان ٻئي شخص ۾ جلد پکڙجي ٿو، ان خطرناڪ وائرس جي ڪا به ويڪسين ناهي تنهنڪري بروقت سڃاڻپ سان علاج ڪري ئي بچاءُ ممڪن آهي.

صحت کاتي موجب شروعاتي تحقيق مان اهو وائرس چمڙن ۽ خنزيرن سوڌو ٻين جانورن ۾ هيو ۽ اتان انسانن ۾ منتقل ٿيو، اهو وائرس هڪ شخص مان ٻئي شخص ۾ به منتقل ٿي سگھي ٿو.

وائرس چمڙن جي وڻ تي لڳل ميوا کائڻ سان ۽ اهي ئي ميوا بعد ۾ ڪنهن انسان کاڌا ته ان ۾ منتقل ٿي سگھي ٿو، ان ڪري سڀ شهري ميون کي سٺي طريقي سان ڌوئي کائو.

نپا وائرس جون شروعاتي علامتون کنگهه جو اچڻ، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيڻ، تيز بخار ٿيڻ، دورا پوڻ (جهٽڪا لڳڻ)، دماغي حالتون خراب ٿيڻ جهڙيون علامتون شامل آهن، جيڪڏهن ڪنهن به شخص ۾ اهي علامتون نظر اچن يا محسوس ٿين ته فوري طور تي ويجهي اسپتال جو رخ ڪريو.

جيڪڏهن بروقت علاج نه ڪيو ويو ته مريض 3 کان 4 ڏينهن ۾ ڪوما ۾ وڃي سگھي ٿو ۽ ان وائرس سبب فوتگين جي شرح 74 سيڪڙو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.