” انگلش ٽيم 2019 وارو عالمي ڪپ کٽڻ جي حقدار نه هئي“ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ورلڊ ڪپ هلندڙ هفتي ڀارت ۾ شروع ٿي رهيو آهي پر ميگا ايونٽ ۾ پنهنجي ٽائٽل جو دفاع ڪندڙ انگلش ٽيم جي ٽاپ ڪلاس بيٽر جو روٽ جي بيان سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، انگلش بيٽر جو روٽ دي ٽيليگراف کي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هو 2019ع واري عالمي ڪپ جي ٽرافي کڻڻ جي حقدار نه هئا.

جو روٽ عالمي ڪپ جي تاريخ جي سڀ کان تڪرار فائنل بابت ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته نيوزيلينڊ خلاف لارڊز ۾ 2019 واري ورلڊ ڪپ فائنل جي نتيجي کين پرڻ حيران ڪري ڇڏيو هو.

هن چيو ته هو جنهن پوزيشن ۾ هئا ان مطابق هو ٽرافي کڻڻ جا حقدار قطعي نه هئا.

سندس چوڻ هو انگلينڊ جو فاتح بڻجڻ ائين هو جڏهن اوهان اڪيلائي ۾ ويهي ان بابت سوچيندا ته ڪجهه غلط نظر ايندو، اسان اهڙي فتح جا حقدار نه هئاسين پر فتح بهرحال فتح هوندي آهي.

جو روٽ اِها شڪايت به ڪئي عالمي چيمپيئن بڻجڻ کانپوءِ فتح جو جشن ملهائڻ لاءِ اسان وٽ وقت نه هيو ڇو جو ميگا ايونٽ کانپوءِ ايشز سيريز شيڊيول هئي، جنهنڪري اسان ڪڏهن پنهنجي ان فتح جو شاندار جشن نه ملهائي سگهياسين..

ياد رهي ته 2019ع واري عالمي ڪپ جو فائنل نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو هو جنهن ۾ انگلش ٽيم بائونڊري ڪائونٽ جي بنياد تي پهريون ڀيرو عالمي فاتح بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.