اڳوڻي ڀارتي ڪپتان اجي جاڙيجا کي افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مينٽور مقرر ڪيو ويو آهي.
اجي جاڙيجا کي افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ مينٽور مقرر ڪيو آهي.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، اجي افغانستان ٽيم کي مينٽور طور جوائن ڪري ورتو آهي، هو افغان بيٽرز سان خصوصي طور ڪم ڪندو.
— Afghanistan Cricket Board (@ACBofficials) October 2, 2023
اَي سي بي موجب، اجي جاڙيجا کي صرف عالمي ڪپ لاءِ مينٽور مقرر ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم عالمي ڪپ ۾ پنهنجي پهرين ميچ ست آڪٽوبر تي بنگلاديش خلاف ڌرمشالا ۾ کيڏندي.