ڌاٻيجي: رهواسين جو خانگي بجلي گھر انتظاميا جي ناجائزين خلاف ڌرڻو

ڌاٻيجي ڀرسان سامونڊي پٽي تي قائم ڪيل بجلي گھر جي انتظاميا جي مبينا ناجائزين خلاف رهواسين ڌرڻو هنيو آهي.

رهواسين پارانعلي احمد ڪلمتي، غلام رسول ڪلمتي، بابو سوڊائي ۽ ٻين اڳواڻي ۾ بجلي گھر جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڌاٻجي ڪوسٽل هاءِ وي ڀرسان قائم ڪيل خانگي بجلي گھرسمنڊ ۾ مڇي جي شڪار لاءِ وڃڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، بجلي گھر انتظاميا مقامي ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي جڏهن ته مقامي ماڻهن کي روزگار نه پيو ڏنو وڃي.

هنن چيو ته جيڪو پورهيت انتظاميا خلاف ڳالهائي ٿو ان جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ان کي هيسايو پيو وڃي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان بجلي گھر جي انتظاميا جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي مقامي پورهيت کي روزگار ڏياريو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.