راڄوخاناڻي ۽ ڪوٽڙي ۾ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ بک هڙتال

راڄوخاناڻي ۽ ڪوٽڙي ۾ يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي سکر جي شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن ۽ سهولتڪارن جي گرفتاري لاءِ بک هڙتال ڪئي وئي آهي.

راڄوخاناڻي ۾ يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي صحافين، شھرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن  پريس ڪلب جي صدر امان الله نظاماڻي، باغي امداد نظاماڻي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب  اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي.

بک هڙتال ڪيمپ تي ويٺل اڳواڻن جو چوڻ هو ته سوچيل سمجھيل سازش تحت شعور جو قتل عام ڪيو پيو وڃي شهيد جان محمد مهر جا قاتل هيل تائين آزاد آهن سندس قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

ڪوٽڙي ۾ ٻئي ڏينهن به حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي يونين آف جرنلسٽ ڄامشورو جي صحافين پاران ٻانهن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي آهي.

علامتي بک هڙتال تي ويٺل اڳواڻن مجيد بلوچ، غلام حسين جتوئي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٻه مهينا ٿيڻ وارا آهن پر سنڌ سرڪار شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ناهي ڪرائي سگھي جنهن سبب صحافين ۾ بيچيني پکڙيل آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته شهيد  جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري شهيد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.