بجلي کانپوءِ گئس بم، نگران حڪومت آءِ ايم ايف جو مطالبو پورو ڪرڻ لاءِ تيار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت آءِ ايم ايف جي مطالبي تي گئس 45 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي، گئس جي اگهن ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان هوندي.
آءِ ايم ايف جي مطالبي تي نگران حڪومت گئس مهانگي ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي ۽ ان حوالي سان تياري مڪمل ڪئي وئي آهي، پي ڊي ايم جي اڳوڻي حڪومت گئس مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف گئس جا اگهه 45 سيڪڙو وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، آءِ ايم ايف ان حوالي سان ڪا رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
ذريعن موجب گئس جي ننڍن واهپيدارن کي ريٽ ۾ واڌ کان بچائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي، ننڍن واهپيدارن لاءِ گئس مهانگي نه ڪئي ويندي.
نگران حڪومت 64 سيڪڙو واهپيدارن کي واڌ کان بچائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي آهي، جڏهن ته جلد گئس جا اگهه 45 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو.
واهپيدار آڪٽوبر کان ڊسمبر جي بلن ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر جون رهتون ادا ڪندا، گئس جي اگهن ۾ واڌ وڏن واهپيدارن تي لاڳو ٿيندي.
ذريعن موجب ڪمرشل واهپيدارن، تندور ۽ هوٽلن، صنعتي واهپيدارن ۽ سي اين جي سميت ڀاڻ جي ڪارخانن، اسٽيل انڊسٽري لاءِ به گئس مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.