سوات ۾ عورتن کي ڪرڪيٽ ميچ کيڏڻ کان روڪيو ويو

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۾ ضلعي انتظاميا عورتن کي ڪرڪيٽ ميچ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو.
سوات جي علائقي چارباغ ۾ مقامي اڳواڻن جي مداخلت تي ڊي ايس پي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر عورتن جي ڪرڪيٽ ميچ روڪرائي ڇڏي.
تعلقي ڪائونسل چارباغ جي چيئرمين احسان الله چيو ته امن امان جي حوالي سان صورتحال ٺيڪ ناهي، تنهن ڪري ميچ روڪرائي وئي.
هوڏانهن ميچ کيڏڻ لاءِ ويل رانديگرياڻين ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته ٽورنامينٽ کي جاري رکيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.