اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ليفٽيننٽ جنرل منير افسر کي نادرا چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.
وفاقي گهرو وزارت نئين نادرا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر جي نادرا چيئرمين طور مقرري بنا دير ٿيندي.
ليفٽيننٽ جنرل منير افسر جي ايڇ ڪيو ۾ آءِ جي ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر آهي.
وفاقي ڪابينا ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر جي نادرا چيئرمين طور مقرري جي منظوري ڏني، وفاقي ڪابينا اها منظوري گهرو وزارت جي سمري تي 3 نالن مان ڏني، سليڪشن ڪميٽي 3 اميدوارن جا نالا شارٽ لسٽ ڪيا هئا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا تفصيلي غور ويچار کانپوءِ نئين نادرا چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏني.
Next Post
You might also like