زال ۽ مڙس ۾ ڌيءَ جو نالو رکڻ تي تڪرار، معاملو عدالت پهچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا جي عدالت تازو ئي هڪ ٽن ورهين جي ٻارڙي جو نالو رکيو آهي، ڇو جو سندس ماءُ پيءُ ۾ نالو رکڻ جي معاملي تي اتفاق نه ٿي سگھيو هو. والدين وچ ۾ اختلافن سبب ٻارڙي جي برٿ سرٽيفڪيٽ تي به نالو نه لکيو ويو هو.
هاءِ ڪورٽ اهو فيصلو ماءُ 1طرفان داخل ڪرايل درخواست جي جواب ۾ آيو، جنهن ٻارڙي لاءِ سرڪاري دستاويز ۾ نالو لکرائڻ جي ڪوشش ڪئي.
پر، جڏهن رجسٽرار ٻنهي پيءُ ۽ ماءُ جي موجودگي جو مطالبو ڪيو ۽ اهي ان معاملي تي اتفاق راءِ تي پهچڻ ۾ ناڪام رهيا ته ماءُ حل لاءِ عدالت جو رخ ڪيو.
جسٽس بيچو ڪورين ٿامس نوٽ ڪيو ته ٻارڙي لاءِ نالو نه هجڻ ٻارڙي جي ڀلائي يا بهترين مفادن لاءِ سازگار ناهي. ٻارِڙي جي ڀلائي جي گھرج آهي ته ان کي هڪ نالو ڏنو وڃي.
جسٽس بيچو رمارڪس ڏنا ته جيتوڻيڪ اهو هڪ عام معاملو آهي جتي عدالت جي پيرنز پيٽري اختيار جي دائري کي استعمال ڪرڻو پيو آهي. اهڙيءَ طرح جي اختيار جي دائري جي استعمال ۾ سڀ کان وڌيڪ غور ٻارڙي جي ڀلائي آهي، والدين جا حق نه. ٻارڙي لاءِ نالو چونڊڻ جو ڪم، ٻارڙي جي ڀلائي، ثقافتي خدشن، والدين جي مفادن ۽ معاشرتي اصولن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
ٻارڙي جي ماءُ ان جو نالو ”پنيا“ رکڻ چاهي پئي، جڏهن ته پيءُ ”پدما“.
نتيجي ۾ عدالت حڪم ڏنو ته ٻارڙي جو نالو سندس ماءُ جي پسند تحت ”پنيا“ رکيو وڃي ۽ پيءُ جو نالو ڪنيت جي طور تي شامل ڪيو وڃي.
عدالت قرار ڏنو ته ماءُ طرفان تجويز ڪيل نالو، جنهن سان ٻارڙي هن وقت رهي ٿي، ان کي مناسب اهميت ڏيڻ گھرجي، جڏهن ته ولديت تي ڪو به تڪرار نه هجڻ جي ڪري پيءُ جو نالو به شامل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.