عمران خان جون 9 ڪيسن ۾ ٽرائل ڪورٽ مان ضمانت جون درخواستون رد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين جون 9 ڪيسن ۾ ٽرائل ڪورٽ کان ضمانت جون درخواستون رد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري محفوظ فيصلو ٻڌايو.
سيشن ڪورٽ ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت عدم پيروي تي ضمانتون خارج ڪري ڇڏيون هيون، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين انهن ڪيسن ۾ لاڳاپيل عدالتن جي حتمي فيصلي تائين گرفتاري کان روڪڻ جي درخواست ڪئي هئي.
هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جون عدم پيروي تي رد 9 درخواستون بحال ڪري ڇڏيون.
فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته سموريون درخواستون لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽس ۾ بحال سمجهيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.