قومي ڪرڪيٽر حارث رئوف انڪشاف ڪيو آهي ته هو ڪرڪيٽ کيڏڻ خاطر گهر وارن کان لڪي دوست جي گهر پهچندو هو ۽ اتان ڪپڙا ۽ جوتا پائي ٽيپ بال ڪرڪيٽ کيڏڻ ويندو هو.
مشهور ڪرڪيٽ ويب سائيٽ اي ايس پي اين ڪرڪ انفو پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف تي هڪ دستاويزي فلم تيار ڪئي آهي جنهن ۾ حارث رئوف جو راولپنڊي ۾ پراڻو گهر به ڏيکاريو ويو آهي ۽ اُهي گهٽيون پڻ ڏيکاريون ويون آهن جتان سندس ڪرڪيٽر بڻجڻ جو سفر شروع ٿيو.
ڊاڪيومينٽري ۾ حارث رئوف پنهنجي شروعاتي ڏهاڙن دوران پيش ايندڙ ڏکيائين تي گفتگو ڪئي، قومي ڪرڪيٽ ست ڀيڻن ۽ ڀائرن ۾ سڀ کان وڏو آهي ۽ سندس والڊ ويلڊر هو جيڪو مشڪل سان پنهنجي ٻارن جو پيٽ پاليندو هو.
He snuck into an open cricket trial and clocked 150+ kmph, eventually becoming one of Pakistan’s frontline fast bowlers 🔥
Watch ‘Haris Rauf: Zero to 150’, now on ESPNcricinfo 🎥 @HarisRauf14
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) October 1, 2023
حارث رئوف وڌيڪ ٻڌايو ته سندس والد ۽ چاچو سڀ هڪ ننڍڙي گهر ۾ رهندا هئا، چاچن جي شادي کانپوءِ کين ڪمرا ڏيڻا پيا ۽ صورتحال اهڙي ٿي وئي جو اسان کي رڌڻي ۾ به سمهڻو پيو.
فاسٽ بالر ٻڌايو ته هو اسڪول جي فيس ڏيڻ لاءِ هر آچر بازار ۾ نمڪو کپائيندو هو، جنهن مان اسڪول جي فيس نڪري ايندي هئي، ان کانپوءِ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي هر ڇهن مهينن کانپوءِ ستر کان اسي هزار گهربل هوندا هئا.
حارث رئوف چيو ته ان خرچ جي پورائي لاءِ ٽيپ بال ڪرڪيٽ کيڏندو هئس جنهن ذريعي مهيني ۾ ٻه کان اڍائي لک ڪمائي ٿيندي هئي، ائين يونيورسٽي جي فيس نڪري ايندي هئي ۽ ڪجهه رقم گڏ ڪندو هئس، امڙ جو خواب هو ته پنهنجو گهر هجي.
هن چيو ته هاڻي وٽس هڪ گهر ۽ گاڏي آهي، جڏهن مون گاڏي خريد ڪئي ته منهنجو پيءَ روئڻ لڳو ۽ چيائين ته سندس گاڏيءَ ۾ ويهڻ جي به حيثيت نه آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن منهنجا گهر ڀاتي خوش آهن ته مان خوش آهيان، اِها مون لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي.