سڄي ملڪ ۾ بجلي مهانگي ٿي وئي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) وفاقي حڪومت جي منظوري سان بجلي مهانگي ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
نيپرا ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ بجلي 3 رپيا 28 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.
هاڻ وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ نيپرا بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
پڌرائيءَ موجب بجلي واهپيدارن کي 6 مهينن ۾ واڌو ادائيگيون ڪرڻيون پونديون، بجلي واهپيدار آڪٽوبر 2023 کان مارچ 2024 تائين ادائيگيون ڪندا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.