ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه سوڌو سڄي پاڪستان ۾ موبائل سمزجي ٻيهر تصديق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ۽ سمزجي تصديق ملٽي فنگر ويريفڪيشن تحت ڪئي ويندي.
ذريعن موجب 26 سيپٽمبر پشاور۾ امن امان بابت ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اعليٰ عسڪري قيادت ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سوڌو ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته دستاويزن موجب هيل تائين 80 هزار 624 سمون بلاڪ ڪيو ويون آهن، سڄي ملڪ ۾ ساڍا 4 ملين غير فعال سمن کي بلاڪ به ڪيو ويو آهي.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويوته هڪ لک 12 هزار 320 ٽيمپرڊ افغان پاسپورٽ به بلاڪ ڪيا ويا هڪ پاسپورٽ تي هاڻي رڳو هڪ ئي سم کولي ويندي.
سرڪاري ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪي پي سوڌو سڄي ملڪ ۾ موبائل سمن جي ٻيهر تصديق جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ۽ سمز جي تصديق ملٽي فنگر ويريفڪيشن تحت ڪئي ويندي.
You might also like