اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته آرمي چيف جي واضح هدايت آهي ته جيڪو سمگلنگ ۾ ملوث هوندو، ان جو ڪورٽ مارشل به ٿيندو ۽ جيل به ويندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته فوج پنهنجي احتساب جو نظام 9 مئي واقعن خلاف ڪارروائي ۾ ثابت ڪري چڪي، سمگلنگ اٺن تي نه ٽرڪن ذريعي سيڪيورٽي ايجنسين جي نڪ هيٺان ٿيندي آهي، سمگلنگ ۾ سياستدانن ۽ سرڪاري آفيسرن جا نالا به آهن، جاچ ۾ ڪجهه نڪتو ته سڀ سامهون ايندا.
هن چيو ته اسان مهيني ۾ سمگلنگ خلاف ڪوششون ڪيون، قانوني ڪم ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون، غير قانوني ڪم تي هاڻ رياست سخت ايڪشن وٺندي، پيٽرول ۾ ملاوٽ ۽ مقدار ۾ گهٽتائي تي به ڪارروائي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته سڀني صوبن جي خوراڪ جي حوالي سان هڪ ڊيٽا گڏ ڪئي آهي ته جيئن خبر پئي ته خوراڪ جي ڪيتري ضرورت آهي، اسان هيل تائين 2200 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي سمگلنگ روڪي، ڊالر جي غير قانوني پهچ تي 168 ايف آءِ آرز داخل ڪيون، ڊالر جي اصل قيمت جي ويجهو پهچي چڪا آهيون.
سرفراز بگٽي چيو ته مستونگ ڌماڪي بابت جاچ جاري آهي ۽ ان حوالي سان حقيقتون سامهون آڻينداسين، يقيني بڻائينداسين ته ملڪ ۾ هڪ به دهشتگرد نه هجي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڏيهه واپسي تي نواز شريف سان قانون موجب منهن ڏينداسين، جيڪڏهن هو واپس اچي سياست ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو ته اها سٺي ڳالهه آهي، نواز شريف ته اهو ليڊر آهي، جيڪو ڌيءَ سميت جيل وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو.
آرمي چيف چيو آهي ته سمگلنگ ۾ ملوث ڪردارن جو ڪورٽ مارشل ٿيندو: نگران گهرو وزير
Prev Post
You might also like