اسٽاڪ هوم (ويب ڊيسڪ) طب جو نوبيل انعام هنگري جي ڪتالين ڪاريڪو ۽ آمريڪا جي ڊريو ويس مين جي نالي رهيو.
ٻنهي ماهرن کي انعام ايم آر اين اي ٽيڪنالاجي تي انهن جي ڪم بابت ڏنو ويو.
ايم آر اين اي ٽيڪنالاجي سان ڪورونا جي ويڪسين موڊرنا ۽ فائزر ٺاهڻ ۾ مدد ملي هئي.
سوئيڊن جي تخت گاهه اسٽاڪ هوم ۾ ويهندڙ جيوڙي چيو ته هاڻوڪي دور ۾ انساني صحت کي پيش وڏن خطرن دوران ٻنهي شخصيتن ويڪسين ٺاهڻ لاءِ غير معمولي اڳڀرائي ڪئي.
ڪتالين ڪاريڪو هنگري جي ساگان يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي، هن ڊريو ويس مين سان گڏ آمريڪا جي يونيورسٽي آف پنسلوانيا ۾ ريسرچ ڪئي هئي، جنهن تي کين نوبيل انعام مليو.
You might also like