اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عالمي بئنڪ کان قرض وٺندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو.
هڪ رپورٽ موجب سال 2023 ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ڊويلپمينٽ ايسوسيئيشن پروگرام تحت ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جو قرض ورتو، جڏهن ته آءِ ڊي اي کان ٻوڏ متاثرن کي هڪ ارب 70 ڪروڙ ڊالرن جي امداد فراهم ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثرن کي گهرن جي اڏاوت ۽ فصلن لاءِ امداد ڏني وئي، ٻوڏ متاثرن کي تعليم ۽ صحت جي شعبن لاءِ امداد ڏني وئي، آءِ ڊي اي ذريعي پاڪستان کي بجيٽ سپورٽ لاءِ ڪ ارب ڊالر فراهم ڪيا ويا.
رپورٽ موجب پنجاب ۾ موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ 20 ڪروڙ ڊالرن جو پروگرام شروع ڪيو ويو.
You might also like