ليبيا ۽ اٽلي وچ ۾ 10 سالن کان پوءِ اڏامون ٻيهر شروع

طرابلس (م ڊ) ليبيا ۽ اٽلي وچ ۾ 10 سالن کان پوءِ اڏامون ٻيهر شروع ڪيون ويون آهن.  العربيه نيوز مطابق ليبيا جي گادي واري شهر طرابلس طرفان جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اٽلي ۽ جنگ سٽيل ليبيا هڪ ڏهاڪو پهرين کان بند واپاري اڏامن جو سلسلو گذريل ڏينهن کان ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي. ليبيا جي ايئر لائينز ميڊسڪائي ايئر ويز جي اڏام ايم ٽي 522 ليبيا جي گادي واري شهر طرابلس جي عالمي هوائي اڏي تان روم جي ليونارڊوڊ اونچي-فيوميسينو ايئرپورٽ لاءِ رواني ٿي. واضح رهي ته لبيا ۾ 2011ع ۾ معمر قذافي جي موت کان پوءِ افراتفري سبب اٽلي ۽ ٻين اولهه جي ملڪن ليبيا مان اڏامن تي پابندي لاڳو ڪئي هئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.