باجوا جي مدي ۾ واڌ لاءِ پ پ، نواز ليگ ۽ فيض حميد رابطو ڪيو:سينيٽر مشتاق احمد

ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ توسيع جي لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض  حميد جماعت اسلامي سان رابطو ڪيو هو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سينيٽر مشتاق احمد ملڪ جي وڏي سياسي جماعتن تي تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم اتحاد جي حڪومت ۾ ڪو گهڻو فرق نه هو، ٻنهي حڪومتن جون بنيادي پاليسيون هڪجهڙيون هيون، ٻئي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪري ان جي خوشنودي جي لاءِ حڪومت ۾ آيون، پي ٽي آءِ آخري وقت تائين، بلڪه حڪومت مان نڪرڻ بعد به ڊيل جي آفر ڪندي رهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف معاهدو، ٽيڪسز ۽ مهانگائي ۾ واڌ، ڪرپشن جا الزام ۽ آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ توسيع سميت سمورن معاملن ۾ هي سڀ هڪ هئا، مان انهن جي خلاف بيٺل هيس، مان انهن جماعتن ۾ ڪو فرق نٿو سمجهان، ملڪ جيڪڏهن بحران جو شڪار آهي ته ان جو سبب انهن جماعتن جي حڪومت ۽ انهن جون پاليسيون آهن، اوهان ڏٺو ته عيد ميلادد النبي ﷺ جي موقعي تي ڌماڪن ۾ 50 کان وڌيڪ شهري مارجي ويا، دل ڏکي ٿي، هي سيڪيورٽي جي ناڪامي آهي، هي انٽيليجنس ۽ حڪومت ناڪامي آهي، نگران سرڪار جي نااهلي، نالائقي ۽ ناڪام آهي، هن چيو ته عمران خان کي ڪڍڻ جي لاءِ تحريڪ عدم اعتماد جو طريقو استعمال ڪيو ويو، اهو آئيني هو پر ان جي ڪاميابي جي لاءِ گهربل انگ گهرجي ها، اهو ڪٿان کان آيو، اهو بي اي پي، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان آيو، هي جماعتون ڪنهن جو اثاثا هيون، هي ڪنهن جي ٽوڪري ۾ پيل هونديون هيون، انهن جو اختيار ڪنهن وٽ هو، هي سڀني کي خبر آهي، ان جي لاءِ پهريان اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪئي وئي، پوءِ قانوني طريقي سان عمران خان کي هٽايو ويو، هن چيو ته ٽنهي جماعتن، پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻائي ڇڏيو، پارليامينٽ کي آڱو شاپ بڻائي ڇڏيو آهي، هوءَ اسڪرپٽڊ ڪارروائي ڪري رهي آهي جنهن جي ذميوار هي وڏيون پارٽيون آهن، انهن پارٽين جي ڪري پارليامينٽ عوام جي اميدن جو مرڪز ناهي رهي، هوءَ هاڻ فيصلن جو مرڪز ناهي رهي، طاقت جو مرڪز بڻجي وئي آهي، هي سڀ چاهين ٿا ته اليڪشن دير جو شڪار ٿئي، هي سڀ عوام کي منهن نٿا ڏئي سگهن، هي عوام وٽ نٿا وڃي سگهن، ان جي ڪري هي وڏيون پارٽيون هن وقت پارليامينٽ جو اجلاس نه پيون گهرائن، انهن جا عوام خلاف ڪيل قدم کلندا، عوام جي سامهون ايندا، ان جي ڪري هي پارليامينٽ جو اجلاس گهرائڻ جي همت نه پيا ڪن، هن جو چوڻ هو ته جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ توسيع خلاف صرف منهنجون ترميمون ايوان ۽ قائمه ڪميٽين ۾ هيون، مان ان خلاف کلي ڪري بيٺل رهيس، مون مٿان ان وقت وڏو دٻاءُ وڌو ويو، جنرل (ر) فيض حميد به مون سان رابطو ڪيو، مون کي حمايت جو چيو ويو پر مون چيو ته هي منهنجو ۽ منهنجي پارٽي جو اصولي موقف آهي، مان ان تي قائم رهندس، جماعت اسلامي اڳواڻ جو چوڻ هو ته پردي پٺيان ڊيل ڪري هڪ کي هٽائي ٻئي کي کي آڻيندڙ هڪجهڙا ئي مهرا آهن، هاڻ عوام ۾ شعور اچي چڪو آهي، هاڻ ڪا به ڳالهه لڪيل ناهي، عوام هاڻ ان چڪر کي سمجهي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.