سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ رياستي ادارن جي لاقانونيت جو نوٽيس وٺي: اڳواڻ

وارھ (پ ر) عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ، ليکڪ ڪامريڊ منان چانڊيو جي ٻي ورسي جي موقعي تي سندس آخري آرام گاهه تي  گلن جي چادر چاڙهي، وارهه شھر ۾ جلسي عام ڪري ڪامريڊ منان کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جلسي عام ۾ عورتن، ٻارڙن، نوجوانن، شاگردن، هارين ۽ مزدورن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، جلسي عام کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊوڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماه نور ملاح، ستار رند، عوامي تحريڪ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي صدر عرفان منان، عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ سرتاج احمد چانڊيو، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر غلام مصطفي چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري سنڌو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، ايڊوڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، ڪامريڊ منان جي نياڻي مرڪ منان، غلام عباس کوکر، نوريز چانڊيو، محسن اياز، اياز جمال چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. جلسي عام ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ٿيندڙ لاقانونيت جو چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس فائز عيسي نوٽيس وٺي، ماڙي جلباڻي سانحي تي اعليٰ عدالتن جي خاموشي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو، عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ، ليکڪ منان چانڊيو جي ٻي ورسي جي جلسي عام کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته ڪامريڊ منان چانڊيو سنڌ جي قومي حقن جي جدوجھد ۾ هميشه سرگرم رهيو. هن چيو ته سنڌ جا تاريخي ۽ ثقافتي ماڳ ۽ مڪان ملڪ جي حڪمرانن تباهه ڪري ڇڏيا آهن، حمل ڍنڍ کي اجاڙيو ويو آهي. منڇر ڍنڍ کي زهر بڻايو ويو آهي. رني ڪوٽ جي تاريخي قلعي جي ڪا سار سنڀال ناهي لڌي وئي، برساتن ۾ رني ڪوٽ، موهن جو دڙو سميت تاريخي ماڳن جي بچا لاءِ ڪو به بندوسبت ناهي ڪيو ويو. سنڌ جو ثقافت کاتو ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي ادارن کي ڪرپشن ۽ پنھنجا نوازي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. سنڌ جي زمينن تي ڌارين کي قابض ڪري مقامي سنڌين کي دربدر ڪيو پيو وڃي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻايو ويو آهي. سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ آڻي سنڌ ۾ نئون اسرائيل جوڙيو پيو وڃي. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب 31 لک کان وڌيڪ افغاني پاڪستان ۾ رهن ٿا. افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جو وڏو تعداد سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل آهي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عوامي تحريڪ ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي صدر ڪامريڊ عرفان منان ۽ ٻين چيو ته ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا قبول ڪري مراد علي شاهه سنڌي قوم سان تاريخي غداري ڪئي آهي. ھڪ منصوبابندي سان وقت کان اڳ غير قانوني غير آئيني فرمائشي ۽ فراڊي ڊجيٽل آدمشماري سنڌي قوم جي اڪثريت کي اقليت ۾ ڏيکارڻ لاءِ ڪرائي وئي ته جيئن بوگس آدمشماري جا من پسند انگ اکر ڏيکاري سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري سگھجي، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن خلاف ڀرپور جدوجهد جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.