نوازشريف کي هٽائيندڙ عبرت جو نشان بڻيل آهن: مريم نواز

لاهور/گلگت بلتستان(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف کي هٽائڻ وارا عبرت جو نشان  بڻيل آهن، شاهدره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته 21 آڪٽوبر تي مهانگائي، بيروزگاري ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪندڙ ۽ پاڪستان جي سيني تي زخم ڀرڻ وارو نواز شريف واپس اچي رهيو آهي،هن چيو ته نوازشريف کي ڪڍندڙ عبرت جو نشان بڻيل آهن ۽ جنهن کي ڪڍيو ويو ان جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو عوام تياريون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته هڪ ليڊر تي مشڪل آئي ته ان جي جماعت جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا، جنهن نوازشريف ۽ ترقي کي روڪيو اهي اڄ ڪچري دان ۾ پيل آهن، جڏهن به نوازشريف کي ڪڍيو ويو ته اهو واپس ان کان به وڌيڪ طاقتور ٿي آيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.