تاريخي اعتبار سان سنڌ پوري ڪائنات جي قديم ڌرتي ليکي وڃي ٿي ـ ساڍا ست ھزار سال اڳ جا قديمي آثار شاھد آھي ته ھتي رھندڙ قوم دنيا جي سڌريل ۽ شاھوڪار قوم ھئي ـ سنڌ جي شاندار ماضيءَ کي ڪتابن جي زينت بڻايندڙن کي ھميشا لاءِ غلام ابن غلام رکڻ لاءِ ٻين سگھارين قومن حملا ڪيا آھن ـ جنھن جي ڪري سنڌ جيڪا پاڪستان جي خالق ڌرتي آھي ـ پاڪستان جي ھڪ صوبي بڻجڻ بعد پنھنجي معدنيات اقتصاديات ۽ معاشيات ۾ ڪمزور ترين ڪئي وئي آھي ـ
28 سيپٽمبر 2023ع منجھند جي وقت ملڪ جي ھٿياربندن فورسز جي جوانن جي وڏن اٽالن ضلعي نوابشاھ بينظير آباد جي تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي کي ڪڙو چاڙھي چوطرف دشمن فوجن خلاف ويڙھ جو ڏيک ڏيندي ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا ۽ بغير ڪنھن وضاحت جي ھارين جي گھرن ۾ ڪاھي پيا ڪافي سپاھي گھرن جون ڀتون ٽپي گھرن ۾ موجود عورتن ٻارن ۽ پوڙھن تي گولين جو مينھن وسائي ڇڏيو ـ جنھن جي نتيجي ۾ ٽن ڀائرن سوڌو 4 ڄڻا شھيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي ڳوٺاڻا زخمي پيا زخمين کي ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ جي بنياد تي رڪشن ۽ چنگچين ذريعي اسپتال علاج لاءِ اماڻيوـ انڌا دھنڌ فائرنگ سبب سموري ڳوٺ ۾ ڀاڄ پئجي وئي عورتون بغير رئي ۽ معصوم ٻارڙا پڪا پوڙھا وٺي ڀڳا ـ انھي ڀاڄ ۾ به ڪي زخمي ٿيا ۽ بعد ۾ نگران سرڪار جي داخلا واري وزير ھڪ بيان جاري ڪندي چيو ته انھيءَ ڳوٺ ۾ خودڪش بمبار جي موجودگيءَ جا اطلاع ھيا ـ جنھن خلاف اھو آپريشن ڪيو ويو ـ ڇا اھو داخلا وارو نگران وزير ٻڌائيندو ته گذريل 40 سالن دوران ڪو به ھڪ سنڌي خودڪش بمبار پڪڙيو ويو آھي ـ تنھن ڪري اھڙو واقعو سنڌيت خلاف سازش آھي ـ ڇاڪاڻ ته ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ھت 75 سالن جو جوڌو چاچو رجب جلباڻي رھندڙ آھي ـ جنھن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ھميشا فورسز ۽ پوليس ڳوٺ کي ڪڙو چاڙھندي رھي آھي ۽ انھيءَ ڪري ئي بار بار جي چڙھاين جي مسلسل ناڪامين جو نتيجو اھو خوني آپريشن ڪري ثابت ڪيو ويو آھي ته فورسز سنڌ جي وطن دوستن کي ھميشا تاريخ ۾ ۽ دنيا اندر غدار وطن مشھور ڪرڻ جا جتن ڪنديون رھيون آھن ـ سنڌين ھن ملڪ جي اڏاوت ۾ مک ڪردار ادا ڪيو، سنڌي وزيراعظم ذوالفقار ڀٽي محترما بينظير ڀٽو کي قتل ڪيو ويو ـ جڏھن ته ٻين قومن جي وزيراعظمن کي رڳو سزائون ڏئي فارغ ته ڪيو ويو پر قتل نه ڪيو ويو ـ آخر ڇو؟ اھو سوال ھن ملڪ جي فيڊريشن لاءِ مٿي جو سور ثابت ٿي رھيو آھي ـ ھت پاور سان حڪومتون جوڙيون ۽ ڊاھيون وينديون رھيون آھن ـ ملڪ جي سمورن وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي ماڻھن کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو وڃي ٿو ـ ان واقعي بابت پھريون سرڪاري موقف:
خطرناڪ خودڪش بمبار جي موجودگي جي اطلاع تي چڙھائي ڪئي وئي جنھن دوران مزاحمت ٿي ۽ اھلڪارن مٿان حملو ٿيو جنھن ۾ چار اھلڪارن کي ڌڪ لڳا ۽ جڏھن ته ڀاڳين/مقتول ڌُر جو موقف: پنھنجي گھر ۾ موجود ھُئا جو وڏي تعداد ۾ مختلف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اھلڪارن اچڻ شرط کين دھشتگرد سڏي سڌي فائرنگ ڪئي جنھن ۾ چار قتل ٿي ويا ءٍ پنج ڌڪي ٿيا. وري نگران سرڪار يو ٽرن وٺي
ٻيون سرڪار موقف ڏنو:
۱-وزير اعليٰ سنڌ ساڳي واقعي ۾ چار انساني زندگين جي ضايع ٿيڻ ۽ ٻين شھرين جي ڌڪي ٿيڻ جي واقعي بابت حقيقتون سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي آھي، جيڪا چار ڏينھن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ پابند آھي.
٢- واقعي بابت مقتول ڌُر پاران فرياد داخل ڪئي وئي آھي.
۳-مقتولن جا پوسٽ مارٽم ٿيندا.
۴- ڌڪي شاھدن کي طبي امداد کانپوءِ سرٽيفڪيٽ ملندا.
۵-واقعي جي عدالتي جاچ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جج ھٿان ڪرائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر سنڌ سرڪار کي خط ذريعي گُذارش ڪندو.
ھن سموري عمل ۾ قاتل ڌُر جو موقف شروع کان آخر تائين ڪمزور ئي رھيو آھي ـ جمھوري حُڪومت جي دور ۾ ساڳي نوعيت جي واقعن جي فرياد داخل ڪرائڻ لاءِ مقتولن جا لاش ٽي کان چار ڏينھن تائين روڊ تي رکڻ کانپوءِ فرياد داخل پئي ٿيا. توڻي جو مقتولن جو تعلق به حُڪومتي ڌُر سان ھو.
ڪجھه حلقا انھيءَ واقعي کي ڌاڙيلن خلاف فورسز طرفان شروع ٿيل آپريشن جو حصو قرار ڏيندي انھن ڳوٺاڻن جي بيگناھ قتلن کي سرڪاري طور لئي مٽي ڪرڻ لاءِ شھيد ٿيلن کي ٽنڊو بھاول واقعي جيان ڏوھارين جا قتل قرار ڏيڻ جي سوشل ميڊيا ۽ اردو پريس ۾ مھم ھلائڻ ۾ مصروف آھن ـ ماڙي جلباڻي واقعو ٽنڊو بھاول جھڙي اھميت جوڳو واقعو آھي ـ ٽنڊو بھاول واقعي ۾ مائي جندو ۽ سندس ڌيئرن جانيون ڏئي انصاف حاصل ڪيو پر اڄ جي ماڙي جلباڻي واقعي لاءِ سنڌ جو عوام ۾ جيڪو غم ۽ غصو آھي ان کي سخت احتجاج ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آھي ـ 28 سيپٽمبر 1983 ع تي ساڳي سڪرنڊ ۾ چانڊين جي ڳوٺ مٿان ايم آر ڊي تحريڪ دوران فورسز جي جوان چڙھيون ڪري فائرنگ ۾ 16 ڄڻا شھيد ڪري ڇڏيا ھياـ جيڪڏھن ان ڳوٺ جا رھواسي ھاري پ پ جي ووٽرز ھجن ھا ته پوءِ اھا پارٽي زور ۽ شور سان ڀرپور احتجاج جو اعلان ڪري روڊن تي نڪرن ھا ـ ھن وقت به سوين ڳوٺاڻا ۽ قومپرست اڳواڻ ڪارڪن قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي قاتلن جي گرفتارين ۽ واقعي جي ايف آءِ آر وارثن جي مرضي موجب داخل ڪرڻ جا مطالبا ڪندي نظر اچن ٿا ـ جن جي مطالبن کي مڃيندي ڊي سي نوابشاھ احتجاجي ڪئمپ تي پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون ۽ پھرين مطالبي موجب وارثن طرفان حد جي ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ٿي چڪي آھي ـ انھيءَ ايف آر ار موجب ملوث جوابدارن ۽ ادارن جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو عمل ۽ قتل ٿيلن جو پوسٽ مارٽم ڪرائي انھن جي تدفين پڻ ڪئي وئي آھي ـ اڃان به واقعي جي ذميوارن جون گرفتاريون ۽ انھن کان قانوني گھرجن موجب تفتيش ڪرڻ جھڙا اھم مرحلا باقي رھيل آھن جن تي سموري سنڌ جون اکيون آھن ـ ان وڏي سانحي جي ذميوارن جون گرفتاريون ٿي سگھنديون ؟ ڇا انھن جي گرفتارين بعد انھن کان سڌي ريت ڪيس جي جاچ ٿيندي ؟ ۽ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ان واقعي جي ڪيس کي صحيح رخ موجب ھلايو ويندو اھي سمورا سوال آڏو آھن ـ