سيارن تي خلائي مخلوق جي ڳولا هاڻي گھڻي پري ناهي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪائنات ۾ موجود اڻ ڳڻين سيارن ۾ ڇا ڪا خلائي مخلوق آهي ڇا اتي زندگي جا آثار موجود آهن جنهن جي ڪري انسانن کي زمين مان خلا ۾ لڏ پلاڻ ڪري سگھن. انهن سوالن جي جوابن کان هاڻي اسان ٿورو پري آهيون.
آمريڪي خلائي اداري ”ناسا“ جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ جي نئين دريافتن کي حوصلو ڏيندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان جلد اسان سيارن ۾ رهندڙ ڪا ٻي مخلوق ۽ زندگي جي آثارن بابت ڄاڻي سگھنداسين.
ناسا جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسپيس ٽيلي اسڪوپ جيمز ويب کي 120 نوري سالن جي مفاصلي تي موجود k2-18b نالي سياري ۾ گيس جي امڪاني علامت ملي آهي جيڪا ماحول ۾ ملندڙ سادن سامونڊي جاندارن مان پيدا ٿيندي آهي.
بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ان دريافت تازن مطالعن ۾ اضافوڪيو آهي جن مان خبر پوي ٿي ته k2-18b هڪ هائيشين ايڪسپور سيارو ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ هائڊروجن سان ڀرپور ماحول ۽ پاڻي جي سمنڊ سان ڍڪيل سطح رکڻ جي صلاحيت آهي.
ناسا جي محققن ان گيس جي دريافت تي دعويٰ ڪئي آهي ته اهي گھڻا مضبوط اشارا آهن جن جي ڪري هاڻ ڪائنات ۾ ڪنهن خلائي مخلوق ۽ زندگي جي ڳولا گھڻي پري ناهي.
اسڪاٽ لينڊ جي فلڪيات ماهر رائل پرڏيهي خابرو اداري کي ٻڌايو ته اسان لامحدود ستارن ۽ سيارن سان گڏ هڪ لامحدود ڪائنات ۾ رهون ٿا. ۽ اهو اسان مان گھڻن ماڻهن تي واضح آهي ته اسان ڪائنات ۾ اڪيلا ناهيو ۽ هاڻي اسان وٽ ان جو جواب ڏيڻ جي ٽيڪنالوجي ۽ صلاحيت اچي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.