پٽ کي قتل ڪرڻ بعد کائي ويندڙ ماءُ بري

قاهره (ويب ڊيسڪ) مصر ۾ پنهنجي پٽ کي قتل ڪري ان جي جسم جي ٽڪرن کي پچائي کائيندڙ عورت کي بري ڪيو ويو آهي.
عرب ميڊيا موجب مصر جي هڪ عدالت حنا حتروش کي پنهنجي پنجن ورهين جي پٽ کي قتل ۽ ان جي گوشت کي پچائي کائڻ جي الزام ۾ سزا ڏيڻ بدران کيس بري ڪري ڇڏيو جنهن تي عوام طرفان سخت اعتراض ڪيو پيو وڃي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ 37 ورهين جي ماءُ کي بري ڪرڻ جو سبب دماغي ۽ نفسياتي مرضن ۾ مبتلا هجڻ قرار ڏنو ۽ حڪم ڏنو ته عورت جو ڪنهن نفسيات ماهر جي نگراني ۾ علاج ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.