عمران خان جي 9 ضمانت جي درخواستن تي فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين جي 9 ضمانت جي درخواستن تي فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائڻ جي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي، چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري فيصلو ٻڌائيندا.
سيشن ڪورٽ ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت عدم پيروي تي ضمانتون خارج ڪري ڇڏيون هيون، پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته 9 ضمانت جون درخواستون لاڳاپيل عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ سمجهيون وڃن.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي هئي ته انهن 9 ڪيسن ۾ لاڳاپيل عدالتن جي حتمي فيصلي تائين گرفتاري کان روڪيو وڃي ۽ لاڳاپيل عدالتن کي 9 ڪيسن جا فيصلا ميرٽ تي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي.
واضح رهي ته عمران خان خلاف 9 مئي ۽ اسلام آباد ۾ احتجاج جا 3-3، توشا خانا جعل سازي، قلم 144 جي ڀڃڪڙي ۽ قتل جي قدمن جا ڪيس داخل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.