مشهور ٽڪ ٽاڪر گرفتار

پشاور (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪر ڪاشف کي غير قانوني هٿيار رکڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ريلويز پوليس پشاور ڊويزن ڪارروائي ڪري لوئر دير جي رهواسي مشهور ٽڪ ٽاڪر ڪاشف کي ريلوي اسٽيشن پشاور ڪينٽ جي حدن مان غير قانوني اسلحو رکڻ تي گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب جوابدار ريلوي اسٽيشن پشاور ڪينٽ ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪسي ۾ سوار ٿي مين گيٽ کان اندر داخل ٿيو، جتي پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.