حريم شاهه، بابر اعظم کان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کان آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 لازمي کٽڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ايڪس تي ڀارت مان پنهنجي نئين تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو پنهنجي هوٽل جي لابي ۾ خوشگوار موڊ ۾ نظر اچي رهيو آهي.
بابر اعظم تصوير پوسٽ ڪندي چيو ته سدائين شڪرگذاري ڪيو، ان سان زندگي ۾ ڪافي مدد ملندي آهي.
ڪپتان جي ان ٽوئيٽ تي جتي مداحن ردعمل ڏنو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، اتي ئي ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه به بابر اعظم کان مطالبو ڪري ڇڏيو.

حريم شاهه چيو ته ڪپتان صاحب! اسان کي هر صورت ۾ هي ورلڊ ڪپ گهرجي، ٽيم کي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.
واهپيدارن حريم شاهه جي مطالبي کي ڌمڪي قرار ڏيندي چيو ائين نه ٿئي جو توهان جي ڌمڪين جي ڪري ٽيم سٺو نه کيڏي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.