هالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي: حمائما ملڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سوڌو پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڪم ڪندڙ مشهور اداڪارا حمائمه ملڪ چيو آهي ته هوءَ هالي بالي ووڊ کانپوءِ هالي ووڊ ۾ به ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.
تازو ئي اداڪارا حمائمه ملڪ هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ڪيريئر سوڌو ڊپريشن تي به کُلي ڪري ڳالهايو.
ميزبان اداڪارا کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو روئينديون آهيو؟ جنهن تي اداڪارا چيو ته جي ها! پهريان ائين ٿيندو هو پر هاڻي روز ناهيان روئيندي.
حمائما ملڪ پنهنجي ڊپريشن بابت کُلي ڪري ڳالهائيندي چيو ته آئون 14 ورهين جي عمر کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ هاڻي منهنجي عمر 34 سال ٿي وئي آهي، ان ڊگھي عرصي دوران مون کي ڪڏهن به پاڻ کي ڄاڻڻ جو موقعو ئي ناهي مليو.
هن چيو ته منهنجي زندگي ۾ ڪيترائي لاها چاڙها آيا، ڪجهه ماڻهن سان خراب لاڳاپا رهيا، ننڍي عمر ۾ شهرت ته ملي وئي پر آئون ڊپريشن ۾ هلي وئي هيس.
اداڪارااهو به چيو ته آئون هڪ خوش مزاج انسان آهيان پر مون کي جلدي روئڻ اچي ويندو آهي ۽ ڊپريشن جي ڪري مون کي ننڍي ننڍي ڳالهه تي ورئڻ اچي ويندو آهي.
اداڪارا موجب هن ڊپريشن مان نڪرڻ لاءِ پنهنجو علاج به ڪرايو جنهن کان پوءِ هوءَ هاڻي پهريان کان گھڻو بهتر محسوس ڪندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.