ملڪ ۾ نئين نسل جو نانگ دريافت

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪوٽڪئي ۾ هڪ اهڙو نانگ هٿ ڪيو ويو آهي جنهن بابت ماهرن جو خيال آهي ته ان قسم جو نانگ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ناهي ڏٺو ويو.
جنگلي جيوت بابت آگاهي مشن ۽ پاڪستاني نانگ نالي سوشل ميڊيا پيج تي ان انوکي نانگ جي تصوير شيئر ڪري ان جي سڃاڻپ بابت سوال ڪيو ويو.
ماهرن موجب ان قسم جو نانگ ڪجهه هفتا اڳ بلوچستان ۾ به ڏٺو ويو هو پر پاڪستان ۾ ملندڙ نانگن جي فهرست ۾ اڃا تائين اهو نانگ شامل ناهي.
نانگن تي تحقيق ڪندڙ نوجوان محقق فهد ملڪ جو چوڻ هو ته ان نانگ کي زندهه يا مُئل حالت ۾ گھرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. تحقيق کان پوءِ ئي واضح ٿي سگھندو ته نانگ پاڪستان ۾ ملندڙ نانگن جي ئي ڪنهن نسل سان واسطو رکي ٿو يا ڪو نئون نسل آهي.
هن ٻڌايو ته ان نانگ جو اڃا تائين ڪو به نالو ناهي، نه ئي ان جي ڪا سڃاڻپ آهي ته اهو نانگ گھڻي زهريلي خاندان، وچولي زهريلي خاندان يا مڪمل غير زهريلي خاندان سان آهي.
هن چيو ته هو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ان نانگ کي زندهه يا مُئل حالت ۾ حاصل ڪري ماهرن جي نگراني هيٺ سڃاڻپ ۽ ان جو نالو رکيو وڃي جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ٿو ته پاڪستاني نانگن جا جا هيل تائين جيڪي به قسم دريافت ٿي چڪا آهن انهن ۾ هڪ وڌيڪ نانگ جو اضافو ٿيندو.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ هيل تائين 97 قسمن جا نانگ دريافت ٿي چڪا آهن جن مان رڳو 8 قسمن جا نانگ زهريلا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.