عجيب واقعو، پوليس نيڪيون کپائيندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو

گجرات (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر گجرات ۾ پنهنجي نوعيت جو منفرد واقعو پيش آيو، جتي نيڪيون وڪرو ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس ذريعن موجب جوابدار 10 رپين عيوض هڪ لک نيڪيون، 100 رپين عيوض هڪ ڪروڙ نيڪيون، هڪ هزار رپين عيوض هڪ ارب نيڪيون ۽ 10 هزار رپين عيوض هڪ کرب نيڪيون وڪرو ڪري رهيو هو.
جوابدار ذوالفقار علي شهرين کي پئسي جي بدلي نيڪين جي رسيد ڏيندو هو.
گليانه پوليس پنهنجي فرياد تي پنڻ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو، جوابدار جي قبضي مان رسيد بڪ ۽ 550 رپيا برآمد ٿيا، پوليس پنجاب ويگرينسي آرڊيننس 9/1958 تحت ڪيس داخل ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.